Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي ـ([1]) ٽوپي تي عمامو اسان ۽ مشرڪن جي وچ ۾ فرق آهي، هر ورَ جيڪو مسلمان پنهنجي مٿي تي ڏيندو ان کي قيامت جي ڏينهن هڪ نور عطا ڪيو ويندو۔([2]) * عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو.([3])
* عمامي ۾ سنت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه ڇهه گز کان وڌيڪ، ۽ ان جي بندش گنبذ نما هجي.([4]) * رومال جيڪڏهن ايترو وڏو هجي جيڪو مٿي کي چڱي طرح ڍڪي ته اهو عمامو ئي آهي ۽ ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي.([5]) * عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌيل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايو.([6]) * جيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندو۔([7])

 عمامي جا پنج طبي فائدا ملاحظه فرمايو: * مٿي اگھاڙي رهندڙ جي وارن تي سردي گرمي ۽ اُس وغيره سڌو سنئون اثر ڪندي آهي ان سان نه



[1]فِرْدَوْس الاخَبار،۲/۲۶۵،حدیث:۳۲۳۳

[2]جامع صغیر لِلسُّیُوْطِی،ص ۳۵۳،حدیث:۵۷۲۵

[3]کَشْفُ الاِلْتِباس فِی اسْتِحْبابِ اللِّباس،ص۳۸

[4]فتاویٰ رضویہ،۲۲/۱۸۶

[5]فتاویٰ رضویہ،۷/۲۹۹

[6]فتاویٰ ہندیۃ،۵/۳۳۰

[7]فتاویٰ رضویہ،۶/۲۱۴ ملخصاً