Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ڪتاب مثلاً اِحْياءُ العلوم ،منهاجُ العابدين، مڪاشفة القلوب ۽ جهنم ميں لے جانے والے اعمال (جلد1،2) جو مُطالَعو به بي حد مُفيد آهي۔ پوءِ انهن گُناهن کان مڪمل پرهيز ڪري ۽ هر ان ڪم کان بچڻ جي ڪوشش ڪري، جيڪو گُناھ ڏانهن وٺي ويندڙ آهي، ان کان علاوه ڪثرت سان نيڪيون ڪرڻ ۾ مَشغُول ٿي وڃي ته نيڪين جي نُور سان گُناهن جون اونداهيون ختم ٿي وينديون، جيئن ته مدني آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به انهيءَ طرف اِشارو ڪندي فرمايو: اِتَّبِعِ السَّيِّئَةَ الْحَسَنَةَ تَمْحُهَا  گُناه کان پوءِ نيڪي ڪري وٺو، اها ان کي مٽائي ڇڏيندي۔ (المسند للامام احمدبن حنبل ،حديث ابي ذر الغفاري ، رقم ۲۱۴۶۰ ، ج ۸، ص ۹۲)  هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي: ''ان ماڻهو جو مثال جيڪو پهريان بُرائين ۾ مَشغول هو، پوءِ نيڪ اعمال ڪرڻ لڳو، ان شخص جيان آهي جو جنهن جي بدن تي تنگ زِرّه هجي، جيڪا ان جي گردن کي گُھٽو ڏئي رهي هجي، پوءِ ان هڪ نيڪ عمل ڪيو ته ان زِرّه جو هڪ حلقو کلي ويو، پوءِ ٻيو نيڪ ڪم ڪيو ته ٻيو حلقو کلي ويو (۽ پوءِ نيڪ عمل ڪندو ويو) ايستائين جو اها تنگ زره کُلي زمين تي ڪري پئي۔''(المعجم الڪبير ، رقم ۷۸۳ ، ج ۱۷ ، ص ۲۸۴)

کرکے توبہ میں پھر گناہوں میں

ہو ہی جاتا ہوں مُبتلا یا ربّ

طالبِ مغفرت ہوں یا اللہ

بخش حیدر کا واسطہ یا ربّ

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص79،80)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد