Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

حضرت سَيدُنا مَعاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو؛ يارَسُوْلَ الله ”تَوْبَةً نَصُوْحا“ ڇا آهي؟ ته پاڻ ڪريمن صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته هن مان مُراد هي آهي ته ٻانهو پنهنجن ڪيل گُناهن تي شرمسار ٿئي، پوءِ الله  عَزَّوَجَلَّ کان مُعافي گھري ۽ ان گُناھ جي طرف ڪڏهن به نه موٽي جيئن کير پنهنجي ٿڻ ۾ ٻيهر نه موٽبو آهي۔ ۽ حضرت سَيدُنا اِبنِ مَسعُود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته’’تَوْبَةً نَصُوْحا‘‘ڪرڻ سان تمام گُناھ مُعاف ٿي ويندا آهن"۔ (تفسيردر منثور،ج۸،ص۲۲۷)

میں کر کے توبہ پلٹ کر گناہ کرتا ہوں

حقیقی توبہ کا کر دے شَرَف عطا یا ربّ

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص78)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته سچّي توبه ڪرڻ جون ڪيتري قدر برڪتون آهن ته توبه ڪرڻ وارن جا سڀئي گُناھ مُعاف ڪيا ويندا آهن۔ تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان به الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ ٻاڏائي ڪري سچي توبه ڪيون ۽ جيڪڏهن وري گُناھ ٿي وڃن ته ٻيهر توبه ڪيون ته الله عَزَّوَجَلَّ قرآنِ ڪريم ۾ اهڙن ماڻهن جي تعريف بَيان ڪئي آهي جيئن سيپاري 4 سُوْرَة النِّساۤء  آيت نمبر 17 ۾ اِرشاد آهي :

إِنَّمَا التَّوْبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذِينَ يَعْمَلُونَ السُّوءَ بِجَهَالَةٍ ثُمَّ يَتُوبُونَ مِنْ قَرِيبٍ فَأُولَئِكَ يَتُوبُ اللَّهُ عَلَيْهِمْ وَكَانَ اللَّهُ عَلِيمًا حَكِيمًا

 

ترجمو ڪنزالايمان: اُها توبھ جنهن جو قُبول ڪرڻ الله پنهنجي فضل جي ذمي لازم ڪيو آهي سا اُنهن جِي آهي جيڪِي نادانِي ۾ ڪا بُرائِي ڪري ويٺا پوءِ ٿورِي دير ۾ توبھ ڪري وٺن، اِهڙن تي الله پنهنجِي رحمت سان رُجوع ڪري ٿو، ۽ الله عِلم و حِڪمت وارو آهي.