Book Name:Silah Rehmi

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس* نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس* شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس* مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس* ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس* نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!             صَـلَّـی اللهُ   تَعَالٰـی عَلٰی   مُـحَـمَّد

رشتيدار طرفان جڏهن سـخت ڏک پهتو

         اميرُالمُؤمنين حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي پنهنجي غريب ماسات ۽ نادار بدري صحابي حضرت سيدنا مِسطَح رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جنهن جو خرچ پاڻ  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کڻندا هئا، ان کان سخت رنج پهتو ۽ اهو هي ته ان اوهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي پياري ڌيءَ يعني اُمُّ المُومنين حضرت سيدتنا عائشه صديقهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْها تي تهمت (يعني بهتان) لڳائڻ وارن سان مُوافقت ڪئي يعني انهن جو ساٿ ڏنو، انهيءَ ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ (سيدنا مِسطح بن اُثاثه کي) خرچ نه ڏيڻ جو قسم کنيو، ان تي سيپاري 18 سورة النُّور جي آيت نمبر 22 نازل ٿي؛

وَ لَا یَاۡتَلِ اُولُوا الۡفَضۡلِ مِنۡکُمۡ وَ السَّعَۃِ اَنۡ یُّؤۡتُوۡۤا اُولِی الۡقُرۡبٰی وَ الۡمَسٰکِیۡنَ وَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۪ۖ وَ لۡیَعۡفُوۡا وَ لۡیَصۡفَحُوۡا ؕ اَلَا تُحِبُّوۡنَ اَنۡ یَّغۡفِرَ اللّٰہُ لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ  رَّحِیۡمٌ ﴿۲۲﴾

 

ترجموڪنزالايمان: ۽ قسم نه کڻن اهي جيڪي توهان مان فضيلت وارا ۽ گنجائش وارا آهن قرابت وارن ۽ مسڪينن

۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڏيڻ جو، ۽ گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا توهان ان کي دوست نه ٿا رکو ته الله توهان جي بخشش ڪري ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.