Book Name:Silah Rehmi

بلندي نصيب ٿيندي ۔ فرمانِ مصطَفٰي صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ آهي: مَنْ تَوَاضَعَ لِلّٰہِ رَفَعَہُ اللّٰہُ يعني جيڪواللہ عَزَّ وَجَلَّ جي لاءِ عاجِزي ڪندو آهي اللہ عَزَّ وَجَلَّ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي ۔ (شُعَبُ الْاِیمان ج۶ ص۲۷۶ حدیث۸۱۴۰) پنهنجي گھرن ۽ معاشري کي امن وارو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان سهڻو سلوڪ ۽ صلهءِ رحمي جي عادت بڻايو ۽ جيترو ممڪن ٿئي قطع تعلقي کان بچڻ جي ڪوشش ڪيون، ڇوته ٻين گناهن جو وبال ته رڳو گناھ ڪرڻ واري ٿيندو آهي پر مائٽي ٽوڙڻ جي نحوست سبب سڄي قوم رحمتِ الٰهي کان محروم ٿي ويندي آهي.

صِلهءِ رحمي جو قرآن ۾ حڪم

         اللہ عَزَّ وَجَلَّ  اسان کي رشتيدارن، يتيمن، بي سهارن سان صلهءِ رحمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو اهي جيئن سپاري 21 سُوْرَۃُ الرُّوْم جي آيت نمبر38 ۾ ارشاد آهي:

فَآتِ ذَا الْقُرْبَى حَقَّهُ وَالْمِسْكِينَ وَابْنَ السَّبِيلِ ذَلِكَ خَيْرٌ لِلَّذِينَ يُرِيدُونَ وَجْهَ اللَّهِ وَأُولَئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ

 

ترجموڪنزالايمان: پوءِ مائٽن کي انهن جو حق ڏيو ۽ مسڪينن ۽ مسافرن کي، اهو انهن لاءِ بهتر آهي جيڪي الله جي رضامندي گھرن ٿا، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن۔

        مُفسّرِ شهير، حڪيمُ الاُمَّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہ هن آيتِ سڳوري جي تحت فرمائن ٿا؛ اها آيت سڳوري سڀني عزيزن جي حقن کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهي آهي، ان مان معلوم ٿيو ته هر عزيز جو حق آهي، ان ۾ سڀئي عزيز شامل آهن، هن آيت مان اهو به معلوم ٿيو ته عزيزن رشتيدارن سان سهڻو ورتاء ۽ صدقو خيرات، نالي ڪڍائڻ، رسم و رواج