Book Name:Silah Rehmi

ڳالهه ٻولهه جا اهم مدني گل

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت، اميراہلسُنَّت دَامَتْ بَرَکاتُہُمُ الْعَالِیَہ    جي رسالي ”101 مدني گل مان ڳالھ ٻولھ جي باري ۾ ڪجھ اهم مدني گل ٻڌون ٿا۔

          * مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو * مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ * وڏي آواز سان ڳالهائڻ کان حد درجي احتياط ڪيو * کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به انشآءَالله عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو * ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي * جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ڳالهه ڪٽڻ کان بچو ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي * بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127) ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“

(ڪتاب الصمت مع موسوعه الامام ابن ابي الدنيا ج 7 ص 204، رقم 325)

    طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب بهار شريعت حصو 16 (304 صفحا) ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو۔ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي۔

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پَرْوَرْدْگار        سنّتُوں کی تَربِیَت کے قافلے میں بار بار