Book Name:Silah Rehmi

مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان هن حديث شريف تحت فرمائن ٿا؛ يعني جيڪو شخص پنهنجي گھر وارن مان ڪنهن جو حق فوت (يعني حق تلفي) ڪرڻ جو قسم کڻي مثال طور هي ته مان پنهنجي ماءُ جي خدمت نه ڪندس، يا ماءُ پيءُ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندس، اهڙن قَسمن جو پورو ڪرڻ گناهه آهي، ان تي واجب آهي ته اهڙا قسم ٽوڙي ۽ گھر وارن جا حق پورا ڪري، خيال رهي هتي هي مطلب ناهي ته هي قسم پورو نه ڪرڻ به گناهه، پر پورو ڪرڻ وڏو گناهه آهي بلڪ مطلب هي آهي ته اهڙو قسم پورو ڪرڻ وڏو گناهه آهي، پورو نه ڪرڻ ثواب آهي، هاڻي جئين ته الله تعالـٰي جي نالي جي بي ادبي قسم ٽوڙڻ سان ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري ان تي ڪفارو واجب ٿيندو آهي، پر هتي قسم نه ٽوڙڻ وڏي گناهه جو سبب آهي ۔  (مراٰةُ المناجيح ج 5 ص 198 ملخصاً)

صِلهء رحمي جو مطلب:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!! صلهءِ رحمي جي اهميت ته اسان ٻڌي ورتي صلهءِ رحمي ڇا کي چئبو آهي، اچو ان جي وصف به ٻڌون ٿا: صلهءِ جو لُغوِي معنيٰ آهي: اِیْصَالُ نَوْعٍ مِّنْ اَنْوَاعِ الْاِحْسَانِ يعني ڪنهن به قسم جي ڀلائي ۽ احسان ڪرڻ (الزواجر،۲/۱۵۶) ۽ رِحْم مان مُراد قَرابت (مائٽي) رشتيداري آهي. (لسان العرب،۱/۱۴۷۹) بهارِ شريعت ۾ آهي صِلهءِ رحم جي معنيٰ: رشتن کي ڳنڍڻ آهي يعني مائٽن سان نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ. (بہارِ شریعت ۔ج۳،ص۵۵۸)

صَدْرُ الشَّريعه،بدْرُ الطَّريقه حضرت علّامه مولانا مُفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہ فرمائن ٿا: سموري اُمّت جو هن تي اتفاق آهي ته صلهءِ رحم واجب ۽ قطع رحم حرام آهي۔ حديثن ۾ مطلقاً (يعني بنا ڪنهن قيد جي) رشتيدارن سان صلهءِ رحم (يعني سهڻي سلوڪ) جو حڪم آيو آهي، قرآن