Book Name:Silah Rehmi

  1. انهن جي دل ڏکائڻ کان پاڻ کي بچائڻ ۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به هنن مدني گلن تي عمل جي ڪوشش ڪيون ته اِنْ شَآءَاللہعَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان ڀيڻ ڀاءُ ۾ ٿيندڙ ناراضگين ۽ ان سبب پيدا ٿيڻ وارين دورين کان ڪافي حد تائين ڇوٽڪارو ملي ويندو، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ٻه قريبي عزيز پاڻ ۾ ناراض ٿي ويندا آهن ۽ ڪوشش باوجود پاڻ ۾ صلح صفائي جي ترڪيب ناهي ٿيندي، اهڙي موقعي تي اهي عزيز مشڪل جو شڪار ٿي ويندا آهن جيڪي ٻنهي کان تعلق رکندا هجن، ناراض عزيزن مان هر هڪ سان هڪ وقت ۾ ڪيئن ٺاهي رکجي ۽ ٻنهي کي ڪيئن خوش رکيو وڃي؟ اهو هڪ پريشان ڪُن معاملو آهي، اچو هن باري ۾ فتاويٰ رضويه شريف مان رهنمائي حاصل ڪيون ٿا:

حڪمت ڀريو جواب

>

اعلٰي حضرت، امامِ اَہلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہ  جي بارگاھ ۾ پيش ٿيل سوال جو خلاصو هي آهي ته ڇا فرمائن ٿا عالم سڳورا هن مسئلي ۾ جو زيد جو هڪ چاچو ۽ هڪ ڀيڻ آهي، زيد پنهنجي چاچي ۽ ڀيڻ ٻنهي سان ملندو آهي پر هاڻي زيد جي ڀيڻ ۽ چاچي ۾ اڻبڻت ٿي وئي آهي ۽ زيد جي ڀيڻ پنهنجي سڳي ڀاءُ کي اهو چوي ٿي ته جيڪڏهن تون پنهنجي چاچي سان ملندي ته آئون تو سان نه ملنديس، اتفاقاً زيد جي شادي جو وقت ويجھو اچي ويو ۽ زيد جي ڀيڻ جو چوڻ آهي جيڪڏهن چاچي کي شادي ۾ سڏ ڏنو ته مان ان ۾شرڪت نه ڪنديس، هن صورت ۾ چاچي جي دل آزاري جو انديشو آهي ۽ جيڪڏهن چاچي کي سڏيندو ته ڀيڻ کي صدمو ٿيندو، اهڙي حالت ۾ زيد کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڇا زيد کي پنهنجي ڀيڻ جو