Book Name:Silah Rehmi

ماڻهو ان جي حق ۾ دعاءِ خير ڪندا آهن۔                                       (تَنبیہُ الغافِلین ص۳۷)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

قَطعِ رحمي جو سبب بدگُماني:

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  واقعي صلهءِ رحمي يعني پنهنجن مائٽن سان سٺو ورتاء ڪرڻ سان عزت، شرافت، آخرت جي نجات ۽ رب العزت جي خوشنودي ۽ رزق ۽ عمر ۾ برڪت سان گڏوگڏ ڪافي برڪتون آهن، جڏهن ته تعلق ٽوڙڻ ۾ الله عَزَّ وَجَلَّ جي ناراضي ۽ آخرت جي برباديءَ سان گڏوگڏ دنيوي نقصان به گھڻا آهن، عام طور رشتيداري ختم ٿيڻ جو سبب حسن ظن جي ڪمي ۽ بدگماني جي ڪثرت به آهي، افسوس اسان جي معاشري ۾ شڪ شبهن جي ڪري به هڪ ٻئي کان بدگماني ڪرڻ عام آهي. مثال طور اسان پنهنجي ڪنهن عزيز کي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، پر اهو شرڪت نه ڪري سگھي ته ان جو ٺيڪ ٺاڪ نوٽيس ورتو ويندو آهي، خوب تنقيد ۽ غيبتون ڪيون وينديون ۽ ذهن بڻايو ويندو آهي ته جيئن ته ان اسان جي تقريب جو بائيڪاٽ ڪيو آهي ان ڪري اسان به ان جي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت نه ڪنداسين ۽ ائين رڳو بدگماني جي ڪري ٻن خاندان ۾ اڻبڻت ٿي ويندي آهي ۽ اها دوري ايتري وڌندي آهي جو سالن تائين هڪٻئي کان پري رهندا آهن، حالانڪ اسان وٽ ڪو شريڪ نه ٿيو ته ان جي باري ۾ سٺو گمان رکڻ جا ڪئي رستا نڪري سگھن ٿا، مثلاً اهو نه اچڻ وارو بيمار ٿي ويو هجي، ڀلجي ويو هجي، ضروري ڪم اٽڪي پيو هجي، يا ڪا سخت مجبوري هجي جنهن جي وضاحت ان جي لاءِ دشوار هجي وغيره، اهو پنهنجي غير حاضري جو سبب ٻڌائي يا نه ٻڌائي؟ اسان کي حسنِ ظن رکي ڪري ثواب ڪمائڻ ۽ جنت ۾ وڃڻ جو ذريعو بڻائڻ گھرجي.