Book Name:Silah Rehmi

حق ڪهڙا آهن، اچو اسان به ٻڌون ٿا، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي عمل جي توفيق عطا ڪري، اٰمین

وڏن ڀيڻ ڀائرن تي ننڍن جا حق ۽ آداب

وڏي ڀاءُ ۽ وڏي ڀيڻ تي ننڍي ڀيڻ ۽ ڀائر جي حقن مان آهي ته

  1. والدين جي وفات تي ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن جي پرورش ڪرڻ ۽ انهن جي سٺي تربيت ڪرڻ.
  2.  انهن جي زندگي جي ضرورت وارين شين کي پورو ڪرڻ ۽ هر مشڪل گھڙي ۾ انهن جو ساٿ ڏيڻ ۽ جيترو ٿي سگھي انهن جي مدد ڪرڻ ۽ دلداري ڏيڻ.
  3. والدين جي حياتي ۾ به انهن سان شفقت ۽ محبت سان پيش اچڻ.
  4. غيبت، چغلي، بدگماني ۽ حسد ته عام مسلمانن سان حرام آهي ته انهن سان ويتر وڌيڪ ناجائز آهي۔
  5. بَشري تقاضن سبب انهن سان ٿيندڙ غلطين کي معاف ڪرڻ ۽ هميشه جي لاءِ انهن سان نرمي وارو برتاؤ ڪرڻ.

ننڍن ڀيڻ ڀائرن تي وڏن جا حق ۽ آداب

اهڙي طرح ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن تي به وڏن ڀائرن ۽ ڀينرن، جا حق ۽ آداب هي آهن ته

  1. انهن جي عزت  ۽ احترام ڪندي انهن کي عزت جوڳو مرتبو ڏيڻ ـ
  2. والدين جي غيرموجودگيءَ ۾ انهن کي والدين جو مرتبو ڏيڻ، انهن کي پنهنجو سرپرست ۽ رهنما سمجھڻ ـ
  3. وس آهر انهن جي جائز حڪمن تي عمل جي ڪوشش ڪرڻ ـ
  4. پاڻ کان ٿيندڙ غلطين تي پاڻ اڳتي وڌي معافي گھرڻ ـ