Book Name:Silah Rehmi

هٿ ٻڌي بار بار معافي گھري، معذرت ڪري پر اسان ان کي بخشڻ جي لاءِ تيار نه هوندا آهيون ۽ اسان کي ڪو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي به ماٺ ڪرائي ڇڏيندا آهيون، حالانڪ اسان جي پياري آقا، مٺي مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي پاڻ ۾ دشمني رکڻ ۽ حسد رکڻ، لاڳاپا ختم ڪرڻ ۽ معذرت ڪرڻ واري جي معذرت کي رد ڪرڻ کان منع فرمايو آهي. جيئن.....

ڀائر بڻجي وڃو

نبيّ ڪريم،روفٌ رَّحيم صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو فرمان دلنشين آهي؛ هڪ ٻئي کان منهن نه موڙيو، نه هڪ ٻئي سان دشمني ڪريو، نه حسد ڪريو، نه لاڳاپا ختم ڪرڻ وارا بڻجو ۽ الله جا ٻانهوءَ! ڀائر بڻجي وڃو، مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي، نه ان تي ظلم ڪندو آهي، نه ان کي محروم ڪندو آهي، ۽ نه ان کي ذليل ڪندو آهي. (مسلم،کتاب البر و الصلۃ،تحریم ظلم المسلمالخ، ص ۱۳۸۶، حدیث: ۲۵۶۴ملتقطاًبتقدم وتاخر)  هڪ هنڌ تي ارشاد فرمايو: وَمَن اعْتَذَرَ اِلٰى اَخِيْهِ الْمُسْلِمِ مِنْ شَيءٍ بَلَغَهُ عَنْه فَلَمْ يَقْبِلْ عُذْرَه لَمْ يَرِدْ عَلى الْحَوْضِ يعني جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کان معذرت ڪري ۽ اهو ان جو عذر قبول نه ڪري ته ان کي حوض ڪوثر ته حاضر ٿيڻ نه نصيب ٿيندو. (معجم الاوسط،۴/۳۷۶،حدیث:۶۲۹۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                       صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

گڏ رهڻ باوجود ناراضگي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائروغور ڪيو! جڏهن هڪ عام مسلمان کان بهتر سلوڪ ڪرڻ، ان کان محبت قائم رکڻ، تعلق ٺاهڻ ۽ ان کي نڀائڻ جي ترغيب آهي ته اهي ماڻهو جن سان اسان جي رت جا رشتا قائم آهن، مثال