Book Name:Silah Rehmi

وارن انعامن جو بدلو سمجھندي قبول ڪيون ۽ پنهنجي عزيزن ۽ ٻين سڀني مسلمانن سان به حسن سلوڪ سان پيش اچون، الله عَزَّ وَجَلَّ  عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔  اٰمِین بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم صداءِ مدينه لڳائڻ به آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ ذيلي حلقي جا 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، انهن 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم روزانو ”صداءِ مدينه لڳائڻ“ به آهي، دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ مسلمانن کي فجر نماز جي لاءِ جڳائڻ کي ”صداء مدينه لڳائڻ“ چيو ويندو آهي، اڄ جڏهن مسلمان دين کان گھڻو پري آهن ۽ هن دُوريءَ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ماڻهو فڪرِ آخرت کان بي خبر ٿي دنيا ۾ مگن آهن، سنّتون ۽ نفل پڙهڻ ته رهيو پري، اڪثريت فرض نمازون ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏيندي آهي، انهيء ڪري اسان جون مسجدون ويران آهن، اهڙي ۾ انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ ۽ ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ جدوجھد ڪرڻ يقيناً سعادت کان گھٽ ناهي، اوهان کان به درخواست آهي اوهان به مسجدن کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو، خاص ڪري فجر نماز جي لاءِ وڌ کان وڌ صداءِ مدينه لڳايو ۽ مسجدن کي آباد ڪرڻ ۾ دعوت اسلاميءَ جو ساٿ ڏيو، منقول آهي ته امير المومنين حضرت سيدنا عمر فاروق اعظم  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو اهو معمول هو جو اوهان ماڻهن کي نماز جي لاءِ بيدار ڪندا هئا، جڏهن فجر نماز جي لاءِ تشريف وٺي ايندا هئا ته واٽ ۾ ماڻهن کي جڳائيندي ايندا هئا ۽ فجر جي اذان کان هڪدم پوءِ مسجد ۾ جيڪڏهن ڪو ستل هوندو هو ته ان کي جڳائيندا هئا۔ (طبقات کبریٰ، ذکر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد