Book Name:Silah Rehmi

شريف ۾ مطلقاً (يعني بنا ڪنهن قيد جي) ذوِي القُربيٰ (يعني قرابت وارو) فرمايو ويو پر هي ڳالهه ضرور آهي ته رشتي ۾ جيئن ته مختلف درجا آهن (ائين) صلهءِ رحم (يعني رشتيدارن سان سهڻي سلوڪ) جي درجن ۾ به فرق هوندو آهي، والدين جو مرتبو سڀ کان وڌيڪ آهي، ان کان پوءِ ذو رِحم مَحرم جو، (يعني اهو رشتيدار جنهن سان نسبي رشتو هجڻ سبب نڪاح هميشه لاءِ حرام هجي) ان کانپوءِ باقي رشتيدارن جو. رشتيدار سان سلوڪ جون مختلف صورتون آهن، انهن کي هديو ۽ تحفو ڏيڻ، ۽ جيڪڏهن ان کي ڪنهن ڳالهه ۾ توهان جي اِعانت (يعني مدد) درڪار هجي ته ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات جي لاءِ وڃڻ، انهن وٽ اُٿڻ ويهڻ، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، انهن سان مهرباني سان پيش اچڻ ۔ جيڪڏهن هي شخص پرديس ۾ هجي ته رشتيدارن وٽ خط موڪلي، انهن سان خط ۽ ڪتابت جاري رکي ته جيئن بي تعلقي پيدا نه ٿئي، ۽ ٿي سگھي ته وطن اچي ۽ رشتيدارن سان ملي ڪري تعلق تازو ڪري، ائين ڪرڻ سان محبت ۾ اضافو ٿيندو (اڄڪلھ جيئن ته خط لکڻ جو رواج تمام گھٽ آهي ان ڪري فون يا انٽرنيٽ جي ذريعي به رابطي جي ترڪيب بڻائي سگھجي ٿي، ڇاڪاڻ ته مقصد پاڻ ۾ لاڳاپن کي برقرار رکڻ آهي، چاهي ڪنهن به طريقي سان رکجن) (بہار شریعت،۳/۵۵۸ ،حصہ۱۶ملخصاً)

رشتيدارن سان لاڳاپا مضبوط ڪيو !

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پنهنجي رشتيدارن سان سهڻو ورتاء ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن سان لاڳاپن کي برقرار رکڻ انهن جي مدد ۽ خيرخواهي ڪرڻ، خوشي غمي ۽ ڏک رنج ۾ انهن سان گڏ هجڻ، تقريبن جي ڏينهن ۾ انهن کي دعوت ڏيڻ انهن جي دعوتن ۾ شرڪت ڪرڻ اهڙي طرح جا سڀ نيڪ ڪم صلهءِ رحمي ۾ شامل آهن. صلهءِ رحمي (يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ)