Share this link via
Personality Websites!
منع ڪرڻ تي به پاسو نٿو ڪري بلڪ پنهنجي ڪبيره گناھ تي ضد ڪري قائم آهي ته ان کان به قطع تعلق ڪرڻ ضروري آهي ڇوته ان سان تعلق رکڻ ۽ تعاون ڪرڻ ڄڻ ته ان جي گناھ ڪبيره ۾ شرڪت ڪرڻ آهي ۽ اهو هرگز هرگز جائز ناهي۔ (بہشت کی کنجیاں،ص۱۹۷)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! رشتيدارن جي حقن جي ادائگي ۽ انهن سان صلهءِ رحمي ڪرڻ يقيناً سعادت جو سبب آهي پر اسان کي هن جو ڪامل فائدو ان صورت ۾ نصيب ٿيندو جڏهن اسان دل سان هن نيڪي کي ادا ڪيون، افسوس هاڻي رشتيداري به صرف نالي جي رهجي وئي آهي ۽ اڄڪلھ صلهءِ رحمي ڪرڻ ڄڻ ته هڪ مجبوري بڻجي وئي آهي ڪي ماڻهو ظاهري طور ته وڏا ملنسار لڳندا آهن پر انهن جو سينو مسلمانن جي ڪيني سان ڀريل هوندو آهي، ڪي نادان نفس ۽ شيطان جي ورغلائڻ تي ذاتي سببن جي ڪري يا هروڀرو رشتيدارن سان قطع تعلق ڪندا آهن ۽ دوستن تي دل کولي خرچ ڪندا آهن، پر هاءِ افسوس! پنهنجي والدين، ڀيڻ ڀائرن چاچن ڀائٽن ۽ ڀاڻيجن وغيره جي حقن کان بلڪل ئي غافل هوندا آهن، شادي وغيره جي تقريب هجي يا مبارڪ ڏينهن جي آمد، بزرگن جي ايصال ثواب جي نذر ونياز جو اهتمام هجي يا اجتماع ذڪر ونعت وغيره ڪن ماڻهن جو اهو معمول هوندو آهي ته ان ۾ صرف انهن مائٽن کي دعوت ڏيڻ جي تڪليف ڪندا آهن يا انهن جي گھرن ۾ کاڌو وغيره موڪليندا آهن جيڪي انهن کي پنهنجي تقريبن ۾ سڏيندا آهن يا جن عزيزن سان انهن جا مفاد هوندا آهن، ان جي برعڪس جيڪي مائٽ ان جي ڪم نه ايندا آهن يا ويچارا غربت ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami