Book Name:Silah Rehmi

ان جو نالو ناهي ته جيڪو اهو سلوڪ ڪري ته توهان به ڪيو، ائين ڪرڻ ته حقيقت ۾ مُڪافاة يعني ادلو بدلو ڪرڻ آهي ته جو ان جيڪا شيء اوهان کي موڪلي توهان به ان وٽ اها موڪلي، اهو توهان وٽ آيو توهان ان وٽ هليا ويا، حقيقت ۾ صلهءِ رحمي (يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ) هي آهي ته اهو ٽوڙي ته توهان ڳنڊيو، اهي توهان کان جدا ٿيڻ چاهين ٿا، بي اعتنائي (يعني لاپرواهي) ڪندا آهن پر توهان ان سان مائٽي جي حقن جي رعايت (يعني لحاظ) ڪيو۔       (رَدُّالْمُحتارج۹ص۶۷۸،از نیکی کی دعوت،ص۱۵۸)

صِلهء رحمي جي حقيقت:

نبي مڪرم ،نُورِ مجسَّم صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعظَّم آهي؛ رشتو ڳنڍڻ وارو اهو ناهي جيڪو اهو بدلو وٺي، پر ڳنڍڻ وارو اهو آهي جنهن سان رشتو ٽوڙيو وڃي ته اهو ان کي ڳنڍي. (بخاری، کتاب الادب، باب لیس الواصل بالمکافی، حدیث: ۵۹۹۱، ۴/۹۸)  هڪ ٻي حديث شريف ۾ آهي انهن ماڻهن مان نه ٿيو جيڪي اهو چوندا آهن جيڪڏهن ماڻهو اسان سان چڱائي ڪندا ته اسان به چڱائي ڪنداسين ۽ جيڪڏهن ماڻهو اسان تي ظلم ڪندا ته اسان به بدلي ۾ ظلم ڪنداسين، بلڪ پاڻ کي ان ڳالھ جو عادي ٺاهيو ته ماڻهو توهان سان چڱائي ڪن ته توهان به انهن سان چڱائي ڪيو ۽ جيڪڏهن ماڻهو اوهان سان برائي ڪن تڏهن به توهان ظلم نه ڪيو!

   (ترمذی، کتاب البرو الصلۃ، باب ماجاء فی الاحسان والعفو،حدیث: ۲۰۱۴، ۳/۴۰۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻئي ممبارڪ حديثون جيڪي اسان ٻڌيون، انهن مان معلوم ٿيو ته صلهءِ رحمي جو صحيح مفهوم اهو آهي جو جيڪڏهن ڪو رشتيدار اسان کي محروم به ڪري تڏهن به اسان ان کي عطا ڪيون، جيڪڏهن ظلم ڪري تڏهن به اسان ان کي معاف ڪيون، اسان کي