Book Name:Silah Rehmi

1.     اهو ان تي بخل ڪري، ته الله عَزَّ وَجَلَّ جھنّم مان هڪ ازدهه نانگ ڪڍندو جنهن جو نالو شجاع هوندو اهو زبان کي هلائي رهيو هوندو ۽ ان شخص جي ڳچي جو هار بڻجي ويندو.    (معجم الاوسط، ۴/۱۶۷،حدیث:۵۵۹۳)

2.     جنهن گناھ جي سزا دنيا ۾ به جلدي ڏني وڃي ۽ ان جي لاءِ آخرت ۾ به عذاب جو ذخيرو رهندو، اهو بغاوت ۽ قطع رحم کي وڌيڪ ناهي.

(ترمذی ،کتاب صفۃ القیامۃ،باب:۱۲۲،حدیث :۲۵۱۹، ۴/۲۲۹)

تعلقات ٽوڙڻ جي سزا

حضرت سيِّدُنا فَقِيه اَبُوالليث سَمَرقَندِي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي ”تنبيه الغَافِلين“ ۾ نقل ڪن ٿا، حضرت سيِّدنا يحيٰ بِن سُلَيم عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ الباري فرمائن ٿا؛ مڪي پاڪ زَادَھَا اللهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا ۾ هڪ نيڪ شخص خراسان جو رهڻ وارو هو، ماڻهو ان وٽ امانتون رکرائيندا هئا۔ هڪ شخص ان وٽ ڏهه هزار اشرفيون امانت طور رکرائي پنهنجي ڪنهن ضرورت سان سفر تي هليو ويو۔ جڏهن اهو واپس موٽيو ته اهو خراساني فوت ٿي چڪو هو۔ هُن انهن جي وارثن کان پنهنجي امانت جو حال پڇيو، پر انهن لاعلمي ظاهر ڪئي۔ امانت رکرائڻ واري مڪي پاڪ جي عالمن کان پڇيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ انهن چيو؛ اسان کي اميد آهي ته اهو خراساني جنّتي هوندو توهان ائين ڪيو ته اڌ رات يا رات جي ٽئين حصي گذرڻ کان پوءِ زم زم جي کوھ وٽ وڃي ان جو نالو وٺي ان کان پڇجو، هن ٽي راتيون ائين ئي ڪيو، پر اتان ڪو جواب نه مليو۔ ان ٻيهر وڃي عالمن کي ٻڌايو۔ انهن إِنَّا لِلَّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ پڙهي ڪري چيو ”اسان کي ڊپ  آهي ته اهو شايد جنّتين مان ناهي،“ توهان يمن وڃو اتي برهوت نالي وادي ۾ هڪ کوھ آهي اتي وڃي اهڙي طرح آواز ڏي۔ ان ائين ڪيو ته پهرين آواز ۾ جواب مليو، مون ان کي گھر ۾ فلاڻي جڳھ تي دفن ڪئي آهي ۽ مون گھر وارن وٽ به امانت ناهي رکي، منهنجي پٽ وٽ وڃو