Book Name:Silah Rehmi

ٿي پنهنجو پاڻ کي مختلف مدني ڪمن ۾ مشغول رکڻ واري هڪ عاشق رسول جي مدني بهار ٻڌون ٿا:

صداءِ مدينه لڳائيندو آهيان!

مَٿرا (هند) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه هيئن بيان آهي ته ”مان هڪ ماڊرن نوجوان هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ منهنجو مشغلو هو، مڪتبةالمدينہ کان جاري ٿيل بيان جي ڪيسيٽ ”T.Vکی تباہ کاریاں ٻُڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، جنهن مون ۾انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، مان دعوت اسلاميءَ جي مدني ماحول سان ڳنڍجي ويس، مونکي Appendix جي بيماري ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر آپريشن جو مشورو ڏنو مان گهٻرائجي ويس ايتري ۾ دعوت اسلاميءَ جي هڪ مبلّغ جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾پهريون ڀيرو عاشقانِ رسول سان گڏ دعوتِ اسلاميءَ جي سنّتن جي تربيت جي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس، اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ مدني قافلي جي برڪت سان بغير آپريشن منهنجي بيماري ختم ٿي وئي. اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ منهنجي جذبي کي مديني جا ٻارهـن چنڊ لڳي ويا. هاڻي مان هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندو آهيان ۽ هر مهيني مدني انعامات جو ڪارڊ جمع ڪرائيندو آهيان ۽ مسلمانن کي فجر جي نماز خاطر جاڳائڻ لاءِ گهمي ڦري ڪري صداءِ مدينہ لڳائيندو آهيان. فرمان مصطفيٰ ﷺمون تي ڪثرت سان درود پاڪ پڙهو بيشڪ توهان
جو مون تي درود پاڪ پڙهڻ توهان جي گناهن جي لاءِ مغفرت آهي ..

 (فیضانِ سنت، ص۲۴۸)

بے عمل باعمل بنتے ہیں سَر بَسر       

 

تُو بھی اے بھائی کر قافِلے میں سفر

اچّھی صُحبت سے ٹھنڈا ہو تیرا جگر       

 

کاش!کرلے اگر قافِلے میں سفر

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جيڪو اوهان سان ٽوڙي اوهان ان سان ڳنڍيو!

دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب