Book Name:Silah Rehmi

ڪرڻ جو قسم کنيو ته اهڙي صورت ۾ به صلهءِ رحمي ڪرڻ جو حڪم آهي ۽ قسم جو ڪفارو ادا ڪرڻ پوندو.

قسم ٽوڙيو !

     جيئن ته حضرت سيدنا ابوالاَحۡوص عَوف بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا پنهنجي والد کان روايت ڪن ٿا؛ ان جا والد فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو؛ يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو ته مان پنهنجي سوٽ (يعني چاچي جي پٽ) وٽ ڪجھ گھرڻ جي لاءِ ويندو آهيان ته هو مون کي ناهي ڏيندو، نه ئي صلهءِ رحمي ڪندو آهي، پوءِ ان کي جڏهن منهنجي ضرورت پوندي آهي ته مون وٽ ايندو آهي، مون کان ڪجھ گھرندو آهي، مون قسم کنيو آهي ته نه ان کي ڪجھ ڏيندس، نه صلهءِ رحمي ڪندس، ته حضور سراپا نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي حڪم ڏنو ته جيڪو ڪم سٺو آهي اهو ڪر ۽ پنهنجي قسم جو ڪفارو ڏي۔  (سنن نسائي ص 619 حديث 3793)

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!هتي اها ڳالھ به ذهن نشين رهي ته جيڪڏهن ڪنهن ظلم طور ايذاء ڏيڻ، قطع تعلق ڪرڻ يا ڪنهن حق ادا نه ڪرڻ بابت قسم کنيو ته ان قسم کي ٽوڙي ان جو ڪفارو ڏيڻ پوندو ۽ ان قسم کي پورو ڪرڻ گناھ آهي جيئن ته

سڀ کان وڌيڪ گناه

    رحمتِ عالم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان مُعَظَّم آهي جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي اهل جي باري ۾ان کي اَذِيَّت ۽ ضَرَر (يعني نقصان) پهچائڻ جي لاءِ قسم کڻي پوءِ بخدا ان کي نقصان ڏيڻ ۽ قسم پوروڪرڻ عندالله (يعني الله وٽ) وڏو گناهه آهي ان کان جو هو ان قسم جي بدلي ڪفارو ڏي جيڪو الله تعاليٰ ان تي مقرر فرمايو آهي۔

 (بُخاری،کتاب الایمان والنذر،باب قول اللہ تعالٰی،۴/۲۸۱ ،حدیث:۶۶۲۵)