Book Name:Silah Rehmi

آهي؛ جنهن قوم ۾ قاطع رحم (يعني رشتيداري ٽوڙڻ وارو) هجي ان (قوم) تي الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت نازل ناهي ٿيندي۔  (اَلزّواجِرُ عن اقتراف الڪبائر ج 2 ص 153)

صِلهءِ رحمي جا فضائل

     اچو ترغيب جي لاءِ صله رحمي جي فضيلت بابت 3 فرمان مصطفيٰ ٻڌون ٿا:

1)       جيڪو چاهي ٿو ته ان جي رزق ۾ وسعت ڏني وڃي ۽ ان جي موت ۾ دير ڪئي وڃي ته اهو صله رحمي ڪري.  (بخاري، کتاب الادب، باب من بسط لہ فی الرزق۔۔، حدیث: ۵۹۸۵، ۴/۹۷)

2)        مائٽي ڳنڍڻ گھروارن ۾ محبت آهي، مال ۾ برڪت آهي، عمر ۾ واڌرو آهي. (ترمذی، کتاب البرو الصلۃ، باب ماجاء فی تعلیم النسب،حدیث: ۱۹۸۶، ۳/۳۹۴)

3)       بيشڪ الله عَزَّ وَجَلَّ هڪ قوم جي ڪري دنيا کي آباد رکندو آهي انهن جي سبب مال ۾ اضافو ڪندو آهي ۽ جڏهن انهن کي پيدا ڪندو آهي ته انهن ڏانهن نه وڻندڙ نگاهن سان نه نهاريو، عرض ڪيو ويو يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ائين ڇو؟ فرمايائون: انهن کي پنهنجي مائٽن سان تعلق ڳنڍڻ جي ڪري. (المعجم الکبیر، رقم ۱۲۵۵۶ ،ج۱۲ ،ص۶۷)

صلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا

حضرت سيدنا فقيه ابوالليث سمرقندي عَلَیۡهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡقوی فرمائن ٿا؛ صلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن؛ * الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا حاصل ٿيندي آهي * ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي * ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي * مسلمانن طرفان ان شخص جي واکاڻ ٿيندي آهي * شيطان کي انهي سبب رنج ٿيندو آهي * عمر وڌندي آهي * رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي * وفات ٿيل آباء و اجداد (يعني مسلمان ماءُ پيءُ) خوش ٿيندي آهي * پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي * وفات کان پوءِ ان جي ثواب ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ڇوته