Book Name:Silah Rehmi

وَ لَا یَاۡتَلِ اُولُوا الۡفَضۡلِ مِنۡکُمۡ وَ السَّعَۃِ اَنۡ یُّؤۡتُوۡۤا اُولِی الۡقُرۡبٰی وَ الۡمَسٰکِیۡنَ وَ الۡمُہٰجِرِیۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۪ۖ وَ لۡیَعۡفُوۡا وَ لۡیَصۡفَحُوۡا ؕ اَلَا تُحِبُّوۡنَ اَنۡ یَّغۡفِرَ اللّٰہُ لَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ  رَّحِیۡمٌ ﴿۲۲﴾

 

ترجموڪنزالايمان: ۽ قسم نه کڻن اهي جيڪي توهان مان فضيلت وارا ۽ گنجائش وارا آهن قرابت وارن ۽ مسڪينن

۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڏيڻ جو، ۽ گهرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا توهان ان کي دوست نه ٿا رکو ته الله توهان جي بخشش ڪري ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.

 

   جڏهن هي آيت سيد عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڙهي ته حضرت سيِّدُنا ابُوبَڪر صِديق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ چيو؛ بيشڪ منهنجي آرزو آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ منهنجي مغفرت ڪري ۽ مان مِسطح (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ) سان جيڪو سلوڪ ڪندو هيس ان کي به ڪڏهن موقوف (يعني بند) نه ڪندس، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ان (مالي تعاون) کي جاري رکيو، (خزائن العرفان ص ۵۶۳ از نیکی کی دعوت ۱۶۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اَمِیْرُ  الْمُؤمِنِیْن حضرتِ سَيّدُنا صِدّيقِ اڪبررَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ پنهنجي ماسات (يعني پنهنجي ڪزن) حضرت سَيّدُنا مِسطَح بن اُثَاثَه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  کان قطع تَعلّقي (يعني لاڳاپا ختم) ڪرڻ جو قسم کنيو هو پر جڏهن اها آيت سڳوري نازل ٿي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ رضاءِ الٰهي جي  سبب حضرت سَيِّدُنا مِسطَح بن اُثَاثَه رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ کي معاف ڪري ڇڏيو۔ غور ڪيو! جيڪڏهن اهڙو معاملو اسان سان ٿئي ته اسان اهڙي ماڻهو سان ڳالھ ٻولھ، ميل ميلاپ ايستائين جو سلام دعا به ڇڏي ڏيندا آهيون، بلڪ اسان ته ننڍين ننڍين ڳالهين تي مِٽ مائٽن سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيندا آهيون، حسن سلوڪ يعني سٺي ورتاءُ کان پاسو ڪندا آهيون ۽ ڳالھ ٻولھ ڇڏي ڏيندا آهيون اسان سڀني کي گھرجي ته غور ڪيون ته خاندان ۾ ڪنهن ڪنهن سان اَڻبڻت آهي جڏهن پتو پئجي وڃي ته جيڪڏهن شرعي عذر نه هجي ته هڪدم ناراض رشتيدارن سان ٺاھ ۽ صلح جي ترڪيب شروع ڪيون، جيڪڏهن جُھڪِڻو پوي ته بيشڪ الله جي رضا جي لاءِ جهڪي پون، اِنْ شَآءَاللہ عَزَّ وَجَلَّ