Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

آهي، خود ڪُشي ۽ قتل جو باعث بنجڻ واري ان دَور جي سوشل ويب  سائٽس ۽ موبائل مُہَذَّب دُنيا کي پريشانين ۾ وجھي ڇڏيو آهي ۔([1])

    موبائل فون روڊ ايڪسيڊنٽ جو سبب به بڻجي رهيو آهي، سخت قانون جي باوجود 55 فيصد ماڻهو گاڏي هلائڻ وقت موبائل فون جي ذريعي گفتگو ڪرڻ يا گانا باجا ٻُڌڻ ۾ مصروف رہندا آهن، اهڙا به واقعات سامهون ايندا آهن ته پويان کان اچڻ واري گاڏيءَ جو ہارن نه ٻُڌڻ جي سبب خطرناڪ حادِثا ٿي چڪا آهن، موبائل هڪ طرح سان توهان جي لاءِ رحمت آهي ته زحمت به آهي، ان لاءِ ان جو استعمال ڪريون پر احتياط سان۔([2])

    حال ۾ ئي فِن لينڊ جي سائنس دانن هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ته موبائل فون سان دِماغ ۾ تبديلي اچي ويندي آهي، ماہرين جي رائي آهي ته ان کان بچڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، موبائل فون تي ڪم سان ڪم ۽ صرف مقصد جي ڳالھ ڪئي وڃي۔ فون دِماغي ڪينسر جهڙي سنگين بيمارين جو سبب آهي، موبائل فون دل جي ويجهي کيسي ۾ نه رکڻ گھرجي، ان سان دل تي منفي اَثَر پوندا آهي، ضرورت کان زيادہ دير تائين گفتگو ڪرڻ سان ڪَن تي ته ان جو بُرو اَثَر پوندو ئي آهي،  گڏوگڏ هي دِماغ به ان جي اَثَر کان ناهي بچي سگھندو، خاص طور تي ٻارن جي نشوونما گڏوگڏ دِماغ جي لاءِ فون جو اضافي استعمال نُقصان دہ هوندو آهي۔ جي ہا! موبائل جو هڪ خطرناڪ ان طرح به آهي ته ان جي ذريعي، حامِله عَورت ۽ اُن جي پيٽ ۾ پَرۡوَرِش پائڻ واري ٻار جي صِحَّت ۽ اَخۡلاق تي وڏو بُرو اَثَر پئي ٿو، موبائل بجلي سان



[1]… ہفت روزہ نئی دُنیا ۳ مارچ ۲۰۱۴بتغیر

[2]… ماہنامہ اشرفیہ اگست ۲۰۱۳ بتغیر