Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

تصّور کان به هر ممڪن صورت ۾ پيڇو ڇڏائي۔ پنهنجو پاڻ کي ديني ڪمن ۾ هڪدم مشغول ڪري ڇڏي۔ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت پنهنجي دل ۾ وڌائي ۽ بارگاههِ رسالت ۾ فرياد پيش ڪري:

محبَّت غیر کی دل سے نکالو یا رسولَ اللہ

مجھے  اپنا  ہی دیوانہ  بنا  لو یا رسولَ اللہ

عشق بازيءَ کان جان ڇڏائڻ جو روحاني علاج

سوال: عشق بازي کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ڪو وظيفو به ٻڌائي ڇڏيو؟

جواب: گذريل سوال جي جواب جي شروع ۾ جيڪي مدني گل پيش ڪيا، ان سان گڏوگڏ بيشڪ قرآني آيتن تي مشتمل هي ”عمل“ به ڪيو: بِسْمِ الله ِالرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ. لَا اِلٰهَ إِلَّا أَنْتَ سُبْحٰنَكَ اِنِّي كُنْتُ مِنَ الظّٰلِمِيْنَ. اَللهُ نُورُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ. لاَ تَأْخُذُهُ سِنَةٌ وَلاَ نَوْمٌ ۔ باوضو ٽي ڀيرا پڙهي (اول آخر هڪ ڀيرو درود شريف) پاڻي تي دم ڪري پي ڇڏي، اهو عمل چاليهه ڏينهن تائين ڪري۔

اوراد ۽ وظائف

            مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نفس جي بُري خواہشن کان ڇٽڪاري، نفسِ امّارہ جي قيد کان رِہائي ۽ گناہن کان مغفرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ وقتًا فوقتًا ان اوراد جون برڪتون حاصل ڪندو رہي، جيئن ته

·          جيڪو ان اسماءِ مبارڪه ”ياغَفَّارُ“ کي ہميشه پڙھندو رهي، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ    نفس جي بُري خواہشن کان ڇٽڪارو پائيندو۔ (مدني پنج سورہ،ص248)

·        جيڪو نفسِ اَمّارہ جي هٿان گرفتار ہجي ته ہرروز ”ياخَبِيرُ“ جو وظيفو

·