Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

هلندو آهي، موبائل کي پهريان بِجۡلي سان چارج ڪيو ويندو آهي، موبائل جي اندر ڪرَنۡٽ ۽ بِجۡلي جون شُعاعون ڀريل رہنديون آهن ۽ بجلي جون هي شُعاعون عام ماڻهو جي لاءِ به نُقصان دھ آهن، اهو ئي سبب آهي ته ڊاڪٽر حضرات موبائل کي سيني جي ويجھي کيسي ۾ رکڻ کان منع ڪندا آهن،  ڇو جو ان سان دل جو مَرَض پيدا ٿيڻ جو انديشو رہندو آهي، اڄ موبائل مان نڪرڻ واريون شُعاعون حامِله عَورت ۽ اُن جي پيٽ ۾ پَرۡوَرِش پائڻ واري ٻار  جي صِحَّت کي مَفۡلُوج ۽ ناڪارہ بڻائي رہيون آهن، تنهنڪري حامِله عَورتون دَورانِ حَمۡل موبائل جو گھڻو استعمال نه ڪن ۽ ضرورتًا موبائل استعمال ڪريون به ته ان کان خود کي دُور رکو، سِيراندي يا وهاڻي جي هيٺان موبائل ہرگز نه رکو، جديد ميڊيڪل سائنس جي تحقيق جي مُطابِق آخري ٽي چار ہفتن ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ پرورش پائڻ واري ٻار جي ڪنن ۾ اُن جي ماءُ ۽ اِردگرد جون آوازون پہچڻ لڳنديون آهن۔ (ماہنامہ اشرفیہ اگست ۲۰۱۳بتغیر)

 اڄ جون مائرون اَيامِ حَمۡل ۾ تڪليف جوعُذر پيش ڪري فرائض ۽ واجبات، نماز، روزي ۽ ٻين اوراد و وظائف ڇڏي ڏينديون آهن ۽ فُضُول ڳالهين ۽ بي ڪار ڪمن ۾ مشغول رہنديون آهن، فلمون ڏسنديون آهن، گانا ٻڌنديون آهن ۽ موبائل جي پويان پيل رهنديون آهن، جڏهن ته انهن کي اندازو ہئڻ گھرجي ته اُن جي فِلم بيني، فُحۡش گوئي ۽ گانن ٻُڌڻ جو بُرو اَثَر اُن جي پيٽ ۾ پرورش پائڻ تي به پئي رهيو آهي۔ اچو ته ماءُ جي پيٽ ۾ پلجڻ واري ٻار تي اُن جي ماءُ جي چڱين عادتن جو چڱو اَثَر پوڻ جو هڪ عظيمُ الشّان واقعو سماعت ڪريون۔ جيئن ته