Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دُھوم مَچی ہو!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻارنهن مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”جُمعه اعتڪاف اَطراف ڳوٺ يومِ تعطيل اعتڪاف“

         مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!مسلمانن جي عملي حالت اڄ بيان ڪرڻ جهڙي نه آهي، عشقِ مجازي جو زور دار سيلاب جنهن کي ڏسو وَهائي وڃي رہيو آهي، اهڙي حالت ۾ تبليغِ قرآن وسنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ،دعوتِ اسلامي جو مَدَني ماحول ڪنهن نعمتِ عُظمٰي کان گھٽ ناهي، تنهنڪري اَخۡلاقي شَرۡعي ۽ مُعاشَرَتي بُرائين کان بچڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان ہروقت وابسته رہو ۽ ذيلي حلقي جي ٻارنهن مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي ٻارنهن مدني ڪمن مان ہفتيوار هڪ مدني ڪم جُمعه اعتڪاف اَطراف ڳوٺ يومِ تعطيل اعتڪاف“ به آهي۔ ان اعتِڪاف مدني ڪم جو بُنيادي مقصد مسجدن کي آباد ڪرڻ، عَلاقائي دورو برائي نيڪي جي دعوت جي ذريعي گھرن، دُڪانن ۾ وڃي ڪري نماز جي دعوت پيش ڪرڻ، نماز، سُنّتون ۽ آداب وغيرہ سيکارڻ جي ترڪيب ڪرڻ ۽ اُتي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن کي شروع يا مزيد مضبوط ڪرڻ آهي۔  اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ  احاديثِ مُبارَڪه ۾ مسجدن کي آباد ڪرڻ جا ايمان افروز فضائل بيان ڪيا ويا آهن، اچو ته ان متعلق ٽي (3) فرامينِ مصطَفٰي    صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ٻُڌون ۽ جُمعه اعتڪاف اَطراف ڳوٺ يومِ تعطيل اعتڪاف ۾ ہر ہفتي