Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

مسواڪ جون سُنتون ۽ آداب

      اچوته! شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”163 مدني گُل“ مان مسواڪ جون سُنتون ۽ آداب سماعت ڪريون.

   پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: * ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن ـ (الترغيب والترهيب ج 1 ص 102 حديث 18) * مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا  جو سبب آهي ـ (مسند امام احمد بن حنبل ج 2 ص 438 حديث 5869)  * حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ     کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ   راضي ٿئي ٿوـ (جمع الجوامع للسيوطي ج 5 ص 249 حديث 14867) * سيّدنا امام شافعي  عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی   فرمائن ٿا: چار شيون عقل وڌائينديون آهن: فضول ڳالهين کان پرهيز، مسواڪ جو استعمال، نيڪ ماڻهن جي صحبت، پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ (حياة الحيوان ج 2 ص 166) * مسواڪ پيلو يا زيتون يا نم وغيره جي ڪَوڙي ڪاٺي هجي مسواڪ جي ٿولھ چيچ جي برابر هجي * مسواڪ جڏهن استعمال جي قابل نه رهي ته اڇلايو نه، جو هي سنّت ادا ڪرڻ جو ذريعو آهي، ڪنهن جڳھ تي احتياط سان رکي ڇڏيو يا دفن ڪري ڇڏيو يا سمنڊ ۾ وجھي ڇڏيو ـ

  (بهارشريعت ج 1 ص 294 مڪتبةالمدينه، درمختار و ردالمحتار ج 1 ص 250)

          هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار  شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو