Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

جو دار و مدار ان جي استعمال تي آهي، جيڪڏهن جائز ڪمن ۾ ان جو صحيح استعمال ڪيو وڃي، ته ان ۾ فائدو ئي فائدو آهي، بلڪه جيڪڏهن اها ئي موبائل فون ضرورت پوڻ تي نيڪ ڪمن جي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ته ڪارِ ثواب به ٿي سگھي ٿو، نيڪ ڪمن ۾ ان جو استعمال ڪو قابلِ تَعَجُّب ڳالھ ناهي،    اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ  دعوتِ اسلامي سان وابسته اسلامي ڀائر، مُبَلّغِين ۽ ذِمّه داران ان جي ذريعي به نيڪي جي دعوت ۽ سُنّتن جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهن، هاڻي ڪجھ ئي عرصو پهريان مدني چينل تي دعوتِ اسلامي جي مدارِسُ المدينه جي مدني عَطِيات جي لاءِ ٽيلي ٿون (مدني عطيات جمع ڪرڻ جي مہم جو سلسلو) ٿيو، ته ڪيترن ئي اسلامي ڀائرن موبائل فون ۽ اِنٽر نيٽ جي ذريعي به دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ ترقّي جي لاءِ پنهنجي پنهنجي طور تي ڪوششون ڪيون ۽    اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ  ڀرپُور انداز ۾ مدني عَطِيات جمع ڪرڻ جو سلسلو رہيو، بہرحال جيڪڏهن ان جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته هيءَ چڱي آهي ۽ ان جو فائدو ئي فائدو آهي ۽ جيڪڏهن غَلَط استعمال ڪيو وڃي ته هيءَ بُري آهي ۽ ان جو نُقصان ئي نُقصان آهي۔

بي مقصد شيءِ کي تَرۡڪ ڪرڻ ۾ اِسلام جو حُسن آهي

      اڄ ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهون موبائل فون استعمال ڪري رهيا آهن، ان مان ڪجھ ته ضرورت جي سبب استعمال ڪندا آهن ۽ ڪيترائي فيشن، راند روند، ويڊيو گيمز، عادت يا گُناھ جي طور تي به استعمال ڪندا آهن، جن ۾ بد قسمتي سان مسلمان به شامل آهن، اهڙن ماڻهن کي موبائل فون جي استعمال ۾ جائز ۽ ناجائز جي ڪا پرواھ ناهي، يا ائين سمجهو ته جائز ۽ ناجائز جي طرف اُنهن جي ڪا توجّھ ناهي، جڏهن ته هڪ مسلمان جو ہر ڪم