Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

يُوسُف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام ۽ زليخا جي واقعي کي آڙ بڻائن ٿا، اهو قرآن پاڪ جي حڪم جي سراسر خلاف آهي ۽ ڪئي صورتن ۾ سڌو ڪفر تائين وٺي وڃڻ وارو آهي، سورتِ يوسف ۾ صرف زليخا جي طرفان عشق جو تذڪرو آهي پر ڪٿي به ڪو اشارو نٿو ملي ته مَعَاذَاللّٰه حضرت سيدنا يوسف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام به هن عشق ۾ شريڪ هئا، تنهنڪري جيڪي حضرت سيدنا يوسف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام    کي به عشق ۾ شريڪ ڪندا آهن، اهي ان کان توبه ۽ تجديدِ ايمان ڪن يعني توبه ڪري نئين سري کان مسلمان ٿين. الله عَزَّوَجَلَّ جي نبي عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو شان تمام بلند هوندو آهي ۽ اهي گناهن کان معصوم هوندا آهن.

مَحَبَّت غیر کی دل سے نکالو یَارسولَ الله!

 

مجھے اپنا ہی دیوانہ بنا لو یَارسولَ الله!

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته موجودہ دَور ۾ ڪيتريون ئي اَخۡلاقي مُعاشَرَتي ۽ شَرۡعي بُرائين سان گڏوگڏ عشقِ مجازيءَ کي فروغ ڏيڻ ۾ به موبائل فون ۽ اِنٽر نيٽ اِنۡتِہائي اَہَم ۽ بُنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄڪلھ عام طور تي بدمعاش ڇوڪرا نَفۡساني خواہشات جي تڪميل جي لاءِ ”ٽائيم پاس“ ڪرڻ جي خاطر ڪنهن نه ڪنهن طرح صِنۡفِ نازُڪ جو فون نمبر حاصل ڪري يا فيس بُڪ وغيرہ جي ذريعي هڪ ٻي سان رابطا قائم ڪري وٺندا آهن ۽ اڪثر ڪري پہريون قدم صِنۡفِ نازُڪ جي طرف کان کڄندو آهي، ائين ڪجھ ئي عرصي ۾ اجۡنَبِيت ختم ٿي ويندي آهي ۽ بي حيائي ۽ عشقِ مجازي  جو نه ختم ٿيڻ وارو سِلۡسِلو شروع ٿي ويندو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ہر زماني ۾ انساني ضرورَتن جي لحاظ کان سائنس دانن جي هڪ ٻي کان وڌيڪ حيرت انگيز اِيجادون منظرِ عام تي اچي رهيون آهن ۽ پنهنجي پنهنجي دَور جي ماڻهن کان خراجِ