Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

چند هڪ جو مختصر تَذڪرو ڪيو ويو آهي، ان بُرائين ۾ مزيد ڪجھ بُرايون پوشيده آهن۔ مثلاً گانا باجن کي ئي ڏسي وٺو ته موبائل جي سبب گانا باجا ٻُڌڻ جو رُجحان وڌي رہيو آهي، بلڪه هاڻي ته  مَعَاذَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ   موبائل جي ذريعي ئي گناھ ايتري قدر آسان ٿي ويو آهي جو نه صرف گانا باجا ٻُڌي ڪري ڪنن کي حرام سان پُر ڪرڻ بلڪه ان سان گڏوگڏ بيہودہ ۽ شرمناڪ مناظر ڏسي ڪري اکين کي حرام سان پُر ڪرڻ جي لاءِ به ڄڻ ته ڪا رُڪاوٽ ئي ناهي۔ جڏهن ته گانا باجا ٻُڌڻ، خود ڪيترين ئي بُرائين جو مجموعو آهي، ان جي ذريعي دل ۾ نِفاق پيدا ٿيندو آهي، اللہ عَزَّوَجَلَّ    ناراض ٿيندو آهي، غيرت ۾ ڪمي ايندي آهي ۽ شَہۡوت ۾ اِضافو ٿيندو آهي جيئن ته

          نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم     صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: گانا ۽ لَہۡو (يعني راند روند) دل ۾ اهڙي طرح نِفاق اُڀاريندا آهن، جهڙي طرح پاڻي ساوَڪ اُڀاريندو آهي۔    (فردوس الاخبار،باب الغین،۲/۱۰۱،حدیث:۴۲۰۴) 

حضرت سَيدُنا ضَحّاڪ    رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ    کان مروي آهي ته گانا دل کي خراب ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ        کي ناراض ڪندا آهي۔(تفسیراتِ احمدیہ،پ۲۱،لقمٰن،تحت الآیۃ:۶،ص۶۰۳)   حضرت علّامه جلالُ الدّين سُيوطي الشّافعي   رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا يزيد بن وليد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: گاني باجي کان خود کي بچايو، ڇو جو هي شَہۡوت (يعني بُري خواہش) کي اُڀاريندا آهن ۽ غيرت کي برباد ڪندا آهن ۽ هي شراب جي قائم مقام آهن، ان ۾ نشي جهڙي تاثير آهي۔ (در منثور، پ۲۱،لقمٰن،تحت الآیۃ:۶،۶/۵۰۶ ملتقطاً)

رسالو ”گانن باجن جون هولناڪيون“ جو تعارُف

           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل روايتن ۾ گاني باجي ۽ موسيقي کي رُوح جي غِذا چوڻ وارن جي لاءِ لمحهء فِڪرِيه آهي ته موسيقي رُوح جي غِذا