Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

روايت ۾ آهي ته جنهن وقت زليخا سندن جي پويان لڳي، تنهن وقت پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پنهنجي والد ماجد حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي ڏٺائون ته آڱر مبارڪ ڏندن جي هيٺان دٻائي پري هٽڻ جو اشارو فرمائي رهيا هئا.(خزائن العرفان)   

حقيقت هي آهي ته عشق صرف زليخا جي طرفان هو حضرت سيدنا يوسف  عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام   جو دامن ان کان يقيناً پاڪ هو سيپاري 12 سوره يوسف آيت نمبر 30 ۾ مصر جي شريف ماڻهن جي عورتن جو قول هن طرح نقل ڪيو ويو آهي:

وَ قَالَ نِسۡوَۃٌ  فِی الۡمَدِیۡنَۃِ  امۡرَاَتُ الۡعَزِیۡزِ  تُرَاوِدُ  فَتٰىہَا عَنۡ  نَّفۡسِہٖ ۚ قَدۡ شَغَفَہَا حُبًّا ؕ اِنَّا لَنَرٰىہَا فِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۳۰﴾

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ شهر ۾ ڪن عورتن چيو جو عزيز جي زال پنهنجي نوجوان جي دل لالچائي ٿي. بيشڪ ان جي محبت ان جي دل ۾ گهري ويئي آهي اسان ته ان کي محبت ۾ بي اختيار ڏسون ٿيون.

    حُجَّةُ الاِسلام حضرت سيِّدُنا امام ابو حامد محمّد بن محمّد بن محمد غزالي عَـلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡوَالِی فرمائن ٿا: “زليخا کي رغبت هئي پر حضرت سيدنا يوسف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام  طاقت ۽ قدرت رکڻ باوجود ان (يعني زليخا جي طرف رغبت) کان روڪيا رهيا، الله عَزَّوَجَلَّ  قرآن ڪريم ۾ سندن جي محفوظ رهڻ جي عمل جي تعريف ڪئي آهي.  (احياءُ العلوم ج 3 ص 129)

نادان عاشقن جو رد ٿي ويو!

ان سان اَظْہَر مِنَ الشَّمْسِ وَ اَبْیَن مِنَ الْاَ مْس يعني سج کان وڌيڪ روشن ۽ گذريل ڪالهه کان وڌيڪ يقين ٿي ويو ته اڄڪلهه جيڪي نادان عاشق پنهنجي گناهن ڀري بدبودار عشق کي صحيح ثابت ڪرڻ جي لاءِ مَعَاذَاللّٰه حضرت سيِّدُنا