Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ڪرڻ جي لاءِ بيان ڪندس* ڏسي بيان ڪندس* سيپاري 14 سورة النحل آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰي سَبِيۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ 
ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس* نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس* شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس* مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس* ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس* نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

عورت جو فتنو

             شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي مايه ناز ڪتاب ”پردي جي باري ۾ سوال جواب جي صفحي 93 تي هڪ حڪايت نقل فرمائن ٿا: بني اسرائيل ۾ هڪ تمام وڏو عابد يعني عبادت گذار شخص هو۔ اُن جي  علائقي جا ٽي ڀائر هڪ ڀيري ان عابد جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض گذار ٿيا ته اسان کي سفر درپيش آهي، واپسيءَ تائين اسان جي جوان ڀيڻ کي