Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

يوسف جو دامن عشق مجازي کان پاڪ آهي

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه اسلامي معلومات جي ڪمي جو دؤر آهي، جهالت عام آهي، ڪجهه نادان عاشقَ، پنهنجي گندي عشق بازين تي پردو وجھڻ لاءِ ايستائين به چوندي ٻڌا ويا آهن ته حضرت سيدنا يوسف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام به زليخا سان عشق ڪيو هو! (مَعَاذالله) ائين هرگز ناهي، يقيناً ائين بڪواس ڪرڻ وارا نادان عاشق سخت خطا تي آهن، پنهنجي نفس جي شرارت جي معاملي ۾ شيطان جي ڳالهين ۾ اچي بنا سوچي سمجھي ڪنهن به نبي عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي باري ۾ زبان کولڻ ايمان جي لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندي آهي. ياد رکو! نبي عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي اَدنيٰ گستاخي به ڪفر آهي. حضرت سيدنا يوسف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام الله عَزَّوَجَلَّ جا نبي آهن ۽ هر نبي معصوم. نبي کان ڪڏهن به مَذموم حرڪت ناهي ٿيندي، جيئن دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ترجمي واري قرآن ”ڪنزُالايمان مع خزائنُ العِرفان“ صفحي 445 تي سيپاري 12 سورة يوسف جي آيت نمبر 24 ۾ الله تبارڪ و تعالي ارشاد فرمائي ٿو:

وَ لَقَدۡ ہَمَّتۡ بِہٖ ۚ وَ ہَمَّ بِہَا لَوۡ لَاۤ  اَنۡ رَّاٰ بُرۡہَانَ رَبِّہٖ

 

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ بيشڪ عورت ان جو ارادو ڪيو ۽ اهو به عورت جو ارادو ڪري ها جيڪڏهن پنهنجي رب جو دليل نه ڏسي ها.

     صَدۡرالاَفاضِل حضرت علامه مولانا سيِّد محمد نعيمُ الدّين مراد آبادي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ اللهِ الۡهادی فرمائن ٿا: الله تعاليٰ اَنبياء عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي پاڪ نفسن کي بُري اخلاق ۽ خراب اَفعَال کان پاڪ پيدا ڪيو آهي ۽ اخلاق شريفه طاهِره مقدَّسه تي انهن جي پيدائش فرمائي آهي، ان ڪري اهي هر بُري فعل کان پري رهن ٿا، هڪ