Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ٻڌائي ڇڏي. بس عافيت انهيءَ ۾ آهي ته ”نه رهي بانس نه وڄي بانسري“ ٻنهي کي ئي ذبح ڪري ڇڏ، مطلب ته عابد جوان ڇوڪريءَ ۽ ننڍڙي ٻار کي بيدرديءَ سان ذبح ڪري انهيءَ جڳهه ۾ هڪ کڏ کوٽي دفن ڪري زمين برابر ڪري ڇڏي، جڏهن ٽئي ڀائر سفر کان موٽي عابد وٽ آيا ته ان افسوس جو اظهار ڪندي چيو: توهان جي ڀيڻ فوت ٿي وئي آهي، اچو ان جي قبر تي فاتحه پڙهي ڇڏيو۔ اهڙي طرح عابد انهن کي قبرستان وٺي ويو ۽ هڪ قبر ڏيکاري ڪوڙ هڻندي چيائين: هيءَ توهان جي مرحومه ڀيڻ جي قبر آهي، پوءِ انهن فاتحه پڙهي ۽ غمگين واپس موٽي آيا۔ رات جو شيطان هڪ مسافر جي صورت ۾ ٽنهي ڀائرن جي خوابن ۾ آيو ۽ ان عابد جا تمام ڪارا ڪرتوت بيان ڪري ڇڏيا ۽ تدفين واري جڳهه جو ٺڪاڻو به ٻڌائي ڇڏيو ته هتي کوٽيو، پوءِ ٽئي اُٿيا ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجو خواب ٻڌايو۔ ٽنهي ملي خواب ۾ ٻڌايل زمين کوٽي ته واقعي اُتي ڀيڻ ۽ ٻار جا ذبح ٿيل لاش موجود هئا۔ اُنهن ٽنهي عابد تي حملو  ڪيو ته اُن ڏوهه جو اعتراف ڪيو، انهن بادشاهه جي درٻار ۾ فرياد ڪيو۔ عابد کي سندس عبادتخاني مان گِهلي ڪري ڪڍيو ويو ۽ ڦاهي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو۔ جڏهن ڦاهي تي چڙهائڻ جي لاءِ آندو ويو ته شيطان اُن تي ظاهر ٿيو ۽ چوڻ لڳو: مون کي سُڃاڻ! مان تنهنجو اُهو ئي ساٿي آهيان، جنهن توکي عورت جي فتني ۾ وجهي ذلت جي آخري منزل تائين پهچايو آهي، خير گهٻراءِ نه، مان بچائي سگهان ٿو پر شرط اهو آهي ته توکي منهنجي اطاعت ڪرڻي پوندي۔ جنهن جي جان تي اچي پوندي آهي اُهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي! عابد چيو: مان تنهنجي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهيان۔ ان چيو: الله عَزَّوَجَلَّ جو انڪار ڪري ڇڏ ۽ ڪافر ٿي وڃ۔ بدنصيب عابد چيو: مان خدا جو انڪار ڪريان ٿو ۽ ڪافر ٿيان ٿو۔ شيطان هڪدم غائب ٿي