Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ويو ۽ سپاهين فورًا ان بدنصيب عابد کي ڦاسي ڏيئي ڇڏي.

       ( تلبيس ابليس التحذير من فتن ابليس و مڪايده ص 38 _ 40 ملخصا)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

      ان حڪايت کي نقل ڪرڻ کان پؤ اميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه عورت جي فتني کان بچڻ جو ذهن ڏيندي فرمائن ٿا ته شيطان وٽ مردن کي برباد ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڏو ۽ بُرو هٿيار ”عورت“ آهي.  بد نصيب عابد  پاڻ وٽ جوان ڇوڪريءَ کي رکڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ پوءِ شيطان جي داؤ ۾ اچي ڪري کاڌو ان جي دروازي تي پهچائڻ لڳو ۽ پوءِ بس ان ته شيطان کي آڱر پڪڙائي هئي پر هن چالباز ته هٿ پاڻ ئي پڪڙي ڇڏيو ۽ آخر ڪار پروردگار جو انڪار ڪرائي ان کي ڦاسيءَ تي چاڙاهي ڪري ذلت جي موت مارائي ڇڏيو.

               مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي سڀ ڪجھ شَہۡوت پَرَستي ئي جو نتيجو آهي، شَہۡوت (يعني بُري خواہش) نه صرف انسان کي انسان مان جانوَر بڻائي ڇڏيندي آهي بلڪه اُن کي اِنۡتِہائي شرمناڪ ڪم ڪرڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن جي سبب انسان ذليل ۽ خُوار به ٿيندو آهي ۽ سچّي توبهه نه ڪرڻ جي صُورت ۾ آخرت جي دَرۡدۡناڪ عذاب جو حَقۡدار به بڻجي ويندو آهي۔

         حضرت سيدُنا ابُودرداء  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن نفساني خواہش (يعني نفس جي بُري خواہش) جي تڪميل ڪرڻ کان مَذَمَّت ڪندي ارشاد فرمايو: هڪ گهڙيءَ جي لاءِ شهوت جي تسڪين وڏي غم جو سبب ٿيندي آهي۔   

                     ( جامع  صغير للسيوطي، حرف الهمزة،ص173، حديث 2887 )

 يقينًا ڪوئي عام شخص هجي  يا نامحرم رشتيدار بس پردي ئي ۾ ٻنهي جهانن جي ڀلائي آهي، نه ته مرد ۽ عورت جو پاڻ ۾ بي تڪلّف ٿيڻ بيحد