Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

خطرناڪ نتيجا آڻي سگهي ٿو۔ (ياد رکو!مرد جو چاچي جي ڌيءَ، مامي جي ڌيءَ، ڦڦيءَ جي ڌيءَ، ماسيءَ جي ڌيءَ کان پردو آهي، ان سڀني کي انگلش ۾ ڪزن (Cousin) چيو ويندو آهي۔ انهن سان اڪيلائپ اِختيار ڪرڻ، بي تڪلف ٿيڻ، کِل مذاق وغيرہ ڪرڻ سان بي حد خطرناڪ نتيجا اچي سگھن ٿا، اهڙي طرح ياد رکو! سالي، ڀاڄائي، چاچي ۽ ماميءَ کان به پردو آهي۔ (انهن سان به اڪيلائي اِختيار ڪرڻ، بي تڪلف ٿيڻ دُرست ناهي)۔

      اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن پنهنجي نَفۡس تي اعتماد ڪيو، اُن وڏي ڪَذّاب (يعني تمام وڏي ڪوڙي) تي اعتماد ڪيو (ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،ص۴۵۴)   خاتمُ المرسلين، رحمةٌ لِّلعٰلمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آھي: جڏهن به ڪو شخص ڪنهن اجنبي عورت سا گڏ  تنهائي اختيار ڪندو آهي، انهن سان گڏ ٽيون شيطان ضرور ھُوندو آھي۔“  

(ترمذی،کتاب الفتن،باب ماجاء فی لزوم الجماعۃ،۴/۶۷ ،حدیث: ۲۱۷۲)   

  مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الْحَنَّان انهي حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: يعني جڏھن ڪو شخص اجنبي عورت سان گڏ اڪيلائپ ۾ ھوندو آھي ڀلي اھي ڪيڏا به نيڪ ھجن ۽ ڪنهن (نيڪ) مقصد لاءِ (ئي) جمع ٿيا ھجن (پر) شيطان ٻنهي کي برائي تي ضرور اُڀاريندو آھي ۽ ٻنهي جي دلين ۾ ضرور ھيجان پيدا ڪندو آھي، خطرو آھي ته گناهه ڪرائي ڇڏي! انهي لاءِ اھڙي اڪيلائي ۾ جمع ٿيڻ کان وڌيڪ احتياط ڪرڻ کپي گناھ جي سببن کان بچڻ به لازمي آھي، بخار روڪڻ جي لاءِ نزلي زڪام کي روڪيو۔  (مرآۃ المناجیح،۵/۲۱بتغیر قلیل)   

حضرت علامه عبدالرؤف مناوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا: ”جڏھن ڪا عورت ڪنهن اجنبي مرد سان گڏ اڪيلائپ ۾ گڏ ٿيندي آھي ته شيطان جي لاءِ ھي ھڪ سٺو موقعو ھوندو آھي، ھو انهن ٻنهي جي دلين ۾ خراب وسوسا وجهندو آھي، انهن جي شهوت کي ڀڙڪائيندو آھي، حيا ڇڏي گناھن ۾ مُلوَّث