Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

اسان توهان وٽ ڇڏي وڃڻ چاهيون ٿا، عابد فتني جي خوف سبب معذرت ڪئي پر انهن جي مسلسل اصرار تي هو تيار ٿي ويو ۽ چيائين ته مان پاڻ سان گڏ ته نه رکندس ڪنهن ويجهي گهر ۾ ان کي ڇڏي وڃو، پوءِ انهن ائين ئي ڪيو ۔ عابد کاڌو پنهنجي عبادت خاني جي دروازي جي ٻاهران رکي ڇڏيندو ۽ هوءَ کڻي ويندي هئي۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شيطان عابد جي دل ۾ همدردي جي انداز ۾ وسوسو وِڌو ته کاڌي جي وقت ۾ نوجوان ڇوڪريءَ پنهنجي گهر کان نڪري ايندي آهي ڪِٿي ڪنهن بدڪار مرد جي هٿ نه چڙهي وڃي، بهتر هي آهي ته پنهنجي دروازي جي بدران اُن جي دروازي جي ٻاهران کاڌو رکيو وڃي، ان سٺي نيّت جو ثواب به ڪافي ملندو۔ اهڙي طرح هاڻي ان کاڌو ان جي دروازي تائين پهچائڻ شروع ڪيو۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شيطان وري وسوسي جي ذريعي عابد جي همدرديءَ واري جذبي کي اُڀاريو ته ويچاري چپ چاپ اڪيلي پئي هوندي آهي، آخر ان جي وحشت دور ڪرڻ جي سٺي نيت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڪهڙو گناهه آهي؟ اهو ته ثواب جو ڪم آهي، هونئن به تون وڏو پرهيزگار ماڻهو آهين، نفس تي غالب آهين، نيت به صاف آهي هيءَ تنهنجي ڀيڻ وانگر آهي، اهڙي طرح ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ٿيو۔ نوجوان ڇوڪريءَ جي سريلي آواز عابد جي ڪن ۾ اثر ڪرڻ لڳي، دل ۾ جوش پيدا ٿيو، شيطان وڌيڪ اُڀاريو ايتري تائين جو ”نه ٿيڻ وارو ٿي ويو“ ايتري تائين جو ڇوڪريءَ ٻار به ڄڻي ڇڏيو، شيطان دل ۾ وسوسن جي ذريعي خوف ڏياريو ته جيڪڏهن ڇوڪريءَ جي ڀائرن ٻار ڏسي ورتو ته وڏي بدنامي ٿيندي تنهنڪري عزت پياري آهي ته نئين ڄاول ٻار کي ذبح ڪري زمين ۾ پوري ڇڏ۔ هو ذهني طور تي تيار ٿي ويو وري فورًا وسوسو وِڌائين ته ڪِٿي ائين نه ٿئي جو ڇوڪري ئي پنهنجي ڀائرن کي