Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ضروري دٻاؤ پوندو آهي، بلڪه ان غفلت جي سبب اڪثر ڪري گھر ۾ موجود ننڍن ٻارن کي ناقابلِ تلافي نُقصان به پہچندو آهي۔

                                             ( روزنامہ انقلاب، ۲۶ستمبر ۲۰۱۳جمعرات بتغیر )

اللہ عَزَّوَجَلَّ   اسان سڀني کي پنهنجي حِفۡظ ۽ اَمان ۾ رکي ۽ پنهنجي زندگي کي قرآن ۽ سنّت جي اَحڪامن ۽ پياري آقا، مڪي مدني مُصۡطَفٰي  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنّتن جي مُطابِق گُذارڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِيۡن بِجَاہِ النَّبِي الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مِٹا دے ساری خطائیں مِری مٹا یا رب

رِہائی مجھ کو مِلے کاش نفس و شیطاں سے

 

بنا دے نیک بنا نیک دے بنا یا ربّ

تِرے حبیب کا دیتا ہوں واسطہ یا ربّ

گناہ بے عدد اور جُرم بھی ہیں لا تعداد

 

مُعاف کر دے نہ سہہ پاؤں گا سزا یا ربّ

(وسائلِ بخشش  صفحہ 78)

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

عشقِ مجازي کان جان ڇڏائڻ جون تدبيرون:

سوال: جيڪڏهن ڪنهن سان عشق ٿي وڃي، بدنگاهي وغيره گناهن جو سلسلو به هجي ۽ شاديءَ جي ترڪيب به ممڪن نه هجي ته ان کان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل  ڪري؟

جواب: واقعي اهو معاملو وڏو صبر آزما آهي، ان دؤران جيڪي به گناهه ٿيا هجن، انهن کان سچي دل سان توبهه ڪري ان عشق سراپا فِسق کان ڇوٽڪاري جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاهه ۾ ٻاڏائي ڪري دعا گهري، ان کي ڏسڻ کان بچي، بلڪ جيڪڏهن ان جي تصوير، تحفو يا ڪا ٻي نشاني پاڻ وٽ هجي ته ان کي به نه ڏسي ۽ فورًا اهي شيون پاڻ کان الڳ ڪري ڇڏي، ان جي فون نه ٻڌي۔ ان جو عشقيه خط نه پڙهي ايتري تائين جو ان جي