Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

عشق مجازي جون تباه ڪاريون

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

     جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرودِ پاڪ جي فضيلت

ٻنهي جهانن جي سُلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنت نشان آهي: جنهن مون تي جُمعي جي ڏينهن سَو (100) ڀيرا دُرُوۡدِ پاڪ پڙهيو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جون سَو (100) حاجتون پوريون فرمائيندو، سَتر (70) آخرت جون ۽ ٽيھ (30) دنيا جون ۽ الله عَزَّوَجَلَّ هڪ فرشتو مُقرَّر فرمائيندو، جيڪو اُن دُرُوۡدِ پاڪ کي منهنجي قبر ۾ پهچائيندو، جيئن توهان کي تُحفا پيش ڪيا ويندا آهن، بي شڪ منهنجو علم منهنجي وصال کان پوءِ ائين هوندو، جيئن منهنجي حيات ۾ آهي.  )جمع الجوامع،حرف المیم ،۷/۱۹۹،حدیث:۲۲۳۵۵(

اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں

اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے