Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ناهي بلڪه قلب ۽ رُوح جي ہلاڪت ۽ بربادي جو ذريعو آهي۔ گاني باجي جي اَخۡلاقي ۽ شَرۡعي نُقۡصانات ڄاڻڻ ۽ اُن کان بچڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، امِيرِ اہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي   دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه        جو تحرير ڪيل 48 صفحن تي مشتمل رِسالو گاني باجي جون ہولناڪيون ۽ گانن جا 35 ڪفريه اشعار جو مُطالَعو اِنۡتِہائي مُفِيد آهي، ان رِسالي ۾ پاڻ   دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه        جن گاني باجي جو شوق رکڻ واري هڪ گھراني جي تباہي ۽ بربادي سان مُتَعَلّق  اِنۡتِہائي فِڪر انگيز واقعو ذڪر ڪرڻ کان علاوہ، قُرآن ۽ حديث جي فرامين ۽ فُقَہاء ۽ بُزرگانِ دين جي اَقۡوالن جي روشني ۾ گانا باجا ٻڌڻ جي مُعاشَرَتي ۽ شَرۡعي نُقصانن ۽ اُخروي عذابَ بيان فرمايا آهن، تنهنڪري اڄ ئي ان رِسالي کي مڪتبةُ المدينه جي بستي کان ھَدِيةً طَلَب فرمائي ڪري پاڻ به ان جو مُطالَعو ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net کان ان رِسالي کي رِيڊ (يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ   (Download)۽ پرنٽ آؤٽ  (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

موبائل هڪ ذهني ۽ نَفۡسِياتي بيماري

     جديد طِبّي تَحۡقِيۡق جي مُطابِق موبائل جي سبب ذہني ۽ نَفۡسِياتي مريضن جي تعداد ۾ مُسلسل اِضافو ٿي رہيو آهي، موبائل انسان جي جسم سان گڏوگڏ ان جي رُوح ۽ ذِہن ۽ دِماغ کي به مَرَض ۾ مبُتلا ڪري ڇڏيو آهي، انسان جو جسماني بيماري ۾ مبُتلا ہئڻ، ايتري قدر پريشان ڪندڙ ناهي،