Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

راتن جو مُسلسل جاڳڻ جي سبب جسم مڪمل آرام کان محروم ٿي ويو… صِحَّت تي وڏو اَثَر پوڻ لڳو… گانا باجا ٻُڌڻ ۽ فلمون ڊراما ڏسڻ جو رُجۡحان وڌي ويو… گھر گھر ۾ سنيما بلڪه هڪ هڪ گھر ۾ ڪيئي ڪيئي سنيما کُلي ويا…اِنۡتِہائي شرمناڪ فلمي مناظر ڏسڻ جي راھ ۾ حائل رڪاوٽون ختم ٿي ويون…نوجوان وقت کان پهريان ئي پِيريءَ جي چائنٺ تي قدم رکڻ لڳا … پڙھائي ۾ دِلۡچَسپي ۽ ڪم ڪار ۾ پوئتي ۽ يڪسوئي ختم ٿي وئي…سُستي ۽ ڪاہلي عام ٿي وئي ۽ انسان آرام پسند ٿي ويو…اجۡنبي عَورَتن ۽ غير مَحۡرم ڇوڪرين کان تانڪ جھانڪ ۾ ڪئي گُنا اضافو ٿي ويو…بي حيائيءَ جو رستو وسيع ۽ بدڪاري جو رستو اِنۡتِہائي آسان ٿي ويو…موبائل فون  تي سيٽ ڪيل (يعني لڳايل) موسيقي جي ڌُنن ۽ گاني جا واہِيات (فضول) اشعارن سان مسجدن جو اِحۡتِرام ۽ تقدُّس پامال ٿي ويو…مسجد جي پُرڪيف ماحول ۾ ذڪر ۽ اَذۡڪار ، تلاوتِ قرآن ۽ سنّتن ڀريي درس ۽ بيان ڪرڻ، ٻُڌڻ وارن جي توجّھ ۽ ڪيف ۽ سُرور مُتَاَثِر ٿيڻ لڳو، ايستائين جو پنهنجي يا ڪنهن ٻي جي موبائل جي سبب نماز جهڙي اَہَم عبادت جو به خُشُوع  ۽ خُضُوع سان گڏ ادائيگي دُشوار ٿي وئي۔

فریاد ہے اے کشتیِ اُمّت کے نگہباں

 

بیڑا یہ تباہی کے قریب آن لگا ہے

دیکھے ہیں یہ دن اپنی ہی غفلت کی بدولت

 

سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام بُرا ہے

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                               صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

گانا باجا غيرتِ انساني جوٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا آهن

                                           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هي ته موبائل فون جي تمام گھڻين بُرائين مان