Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

تَحۡسِين وُصُول ڪنديون رهيون آهن، پر هي به هڪ حقيقت آهي ته هاڻي تائين جي تمام اِيجادن ۾ موبائل فون سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز اِيجاد آهي، جنهن ڄڻ ته پوري دُنيا کي ننڍو ڪري انسان جي تِري تي رکي ڇڏيو آهي۔ موبائل فون نه صرف پوري دنيا ۾ مقبول آهي، بلڪه زندگي جي تقريبًا تمام شعبن ۾ ان جو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين عَمَل دَخَل ضرور آهي، اهو ئي سبب آهي ته اڄ موبائل فون هڪ طرح سان اسان جي ضرورياتِ زندگي جو حِصّو بڻجي چڪي آهي۔ ان جي ضرورت ۽ اَہميت جو اندازو ان ڳالھ سان لڳائي سگھجي ٿو ته ماڻهن جي هڪ تمام وڏي تعداد جا روز مرّھ جي مُعامَلن ۾ موبائل فون جو استعمال ايتري قدر وڌي چڪو آهي جو اهي ماڻهو ان جي بغير زندگي گُذارڻ جو تصوّر به نٿو ڪري سگھي، هلندي ڦرندي اُٿندي ويهندي سمهندي جاڳندي، ہر وقت موبائل فون سان ئي چِنبڙيل رهندا آهن ۽ اُن کي پاڻ سان چنبڙائي رکندا آهن، ايستائين جو ڪجھ بَد ذوق ماڻهو ته باٿ رُوم ۾ به ان جو استعمال جاري ئي رکندا آهن۔

موبائل جي چڱي بُري ٿيڻ جو دار و مَدار استعمال تي آهي

      بہرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته موبائل فون جي اِيجاد جتي انسان کي ڪيترا سارا فائدا پہچايا آهن، اُتي ناقابلِ تلافي نُقصانات ۽ ناقابلِ حل مشڪلاتن ۾ به مبتلا ڪري ڇڏيو آهي۔ ان لاءِ جيڪڏهن فائدي جي اعتبار کان هي هڪ طرح جي نعمت آهي ته نُقصانن جي لحاظ کان تمام وڏي مصيبت به آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته ان ۾ موبائل فون جو ڪو قُصُور ناهي، ڇو جو هي ته صرف هڪ اوزار آهي، پنهنجي ذات جي اعتبار کان نه چڱو آهي نه بُرو، ان جي چڱي بُري ٿيڻ جي بُنياد ۽ ان جي فائدن ۽ نُقصانن