Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

چڱي عادت جو اولاد تي چڱو اَثَر

     پيرانِ پير، روشن ضمير،قطبِ ربّاني، محبوبِ سبحاني حضرت سَيدُنا شيخ عبدُ القادر جيلاني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ     پنج سالن جي عُمر ۾ جڏهن پهرين ڀيري بِسْمِ الله  جي رَسۡم جي لاءِ ڪنهن بُزرگ وٽ ويٺا ته  اَعُوْذُ بِاللہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْم  ۽ بِسْمِ اللّٰہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم پڙھ ڪري سُورَۃ ُالْفاتِحہ ۽ الٓمّٓ کان 18 سيپاري تائين پڙھي ڪري ٻُڌائي ڇڏيو۔ اُن بُزُرگ پڇيو: پُٽ اڳتي پڙھ۔ فرمايائون: بس مون کي اِيترو ئي ياد آهي، ڇو جو منهنجي والدہ کي به ايترو ئي ياد هو، جڏهن آئون پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هئس، اُن وقت اهي پڙھنديون هيون، مون  ٻُڌي ڪري ياد ڪري ورتو۔                                                ( الحقائق فی الحدائق،۱/۱۴۰بتغیرقلیل)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

             مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته هي ماءُ جي چڱن ڪمن جو پيٽ ۾ پرورش پائڻ واري ٻار تي چڱو اَثَر ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ياد رکو ! ته ماءُ دَورانِ حمل قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندي ته ضروري ناهي ته ٻار حافظِ قرآن بڻجي ڪري ئي پيدا ٿيندو، پر ايترو ضرور آهي ته تلاوتِ قرآنِ ڪريم ۽ ماءُ جي چڱن ڪمن جو اَثَر ٻار تي ضرور پوندو، حامِله عَورَتن کي ان سلسلي ۾ خاص توجّھ ڏيڻ ۽ حتّي الامڪان موبائل کان بچڻ جي ضرورت آهي۔ هونئن به عَورَتون گھر جي مالِڪه ۽ اُمورِ خانه جي نگہبان ۽ ذِمّه دار ہونديون آهن، تنهنڪري ان اعتبار سان به عَورَتن جي حق ۾ موبائل جو زيادہ استعمال زہرِ قاتل ۽ وڌيڪ خطرناڪ آهي، جيڪڏهن عَورَتون اڪثر ڪري موبائل ۾ مشغول رهنديون ته پوءِ گھريلو ذِمّي دارين کي ڪير سنڀاليندو؟ ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته ڪم ڪاج جي دَوران ڪم سان گڏوگڏ مُسلسل موبائل فون جي طرف به توجّھ رکڻ سان نه صرف ذہن تي غير