Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

قرآن ۽ حديث ۾ ان کان بچڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي۔ جيئن ته سيپاري 17 سورۃُ الحج جي آيت نمبر 30 ۾ ارشادِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ                 آهي:

وَ اجۡتَنِبُوۡا  قَوۡلَ  الزُّوۡرِ  ﴿ۙ۳۰﴾

(پ ۱۷،سورۃ الحج:۳۰)

تَرۡجَمو ڪنزالايمان: ۽ بچو ڪوڙي ڳالھ کان۔

    نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحِيۡم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: سچّائي کي لازم ڪري وٺو، ڇو جو سچّائي نيڪي جي طرف وٺي ويندي آهي ۽ نيڪي جنّت جو رستو ڏيکاريندي آهي۔ ماڻهو برابر (مسلسل) سچ ڳالهائيندو رہندو آهي ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو رہندو آهي، ايستائين جو اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نزديڪ صِدّيق لکيو ويندو آهي ۽ ڪوڙ کان بچو، ڇو جو ڪوڙ گُناھ جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ گُناھ جہنّم جو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ ماڻهو برابر (مسلسل) ڪوڙ ڳالهائيندو رہندو آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، ايستائين جو ته اهو اللہ عَزَّوَجَلَّ          جي نزديڪ وڏو ڪوڙو لکيو ويندو آهي۔  (مسلم ،کتاب البر و الصلۃ،باب قبح الکذب …الخ،ص۱۴۰۵،حدیث:۲۶۰۷)

آہ طُغیانیاں گناہوں کی

 

پار نیّا مِری لگا یا ربّ

نفس و شیطاں ہو گئے غالب

 

ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یا ربّ

(وسائلِ بخشش  صفحہ 79)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

     اهڙي طرح زال مڙس جي تڪرار ۽ هڪ ٻي تي شڪ ڪرڻ جو ہٿيار به موبائل بڻجي چڪو آهي، اڄ ڪيترائي اهڙا معاملا سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن اي ميل ۽ موبائل جي سبب ذاتي ۽ عوامي زندگي تباھ ٿي چڪي