Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

           مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻارن جي لاءِ موبائل فون جي طِبّي نُقصان جي باري ۾ هڪ مشہور ماہنامي جي تحقيقي مضمون ۾ هي به بيان ڪيو ويو آهي ته عالمي ادارهء صِحَّت جي سربراھ به ان ٻارن جي والدين کي سخت تنبيھ ڪري چڪا آهن، جن جا ٻار موبائل فون تي پنهنجو وڌ کان وڌ وقت ضائع ڪندا آهن، راند راند ۾ موبائل فون تي ڪلاڪ گفتگو ڪرڻ وارا ٻار هي نٿا سمجھن ته موبائل فون کان ٿيڻ وارن نُقصانن، ان جي صِحَّت جي لاءِ ڪيتري قدر خطرناڪ ٿي سگھن ٿا، ان باري ۾ ڪجھ ٽيسٽ به ڪيا ويا ۽ معلوم ٿيو ته جن مقامن تي موبائل جو مُسلسل استعمال ڪيو ويندو آهي، اُتي بَرۡقي مَقۡناطِيۡسي لہرون به تمام گھڻيون ہونديون آهن، جيڪي ننڍن ٻارن جي لاءِ ته اِنۡتِہائي نُقصان دہ آهن۔  (ماہنامہ اشرفیہ اگست۲۰۱۳ بتغیر )

    موبائل جي فتنن فسادن جي مُتَعَلِق 3 مارچ 2014 عيسوي جي هڪ اخبار جي تشويشناڪ تحرير جو خُلاصو به توجھ سان ٻڌڻ جي قابل آهي، تحرير جو عنوان آهي، ہوشيار خبردار موبائل فون گھر گھر ۾ باھ لڳائي رهيو آهي ، جنهن تيزي سان موبائل انسان جي زندگي جو حِصّو بڻجي رهيو آهي، اُن تيزي سان انسان جي زندگي ۾ ڪو به داخل نٿو ٿي سگھي، موبائل جتي ماڻهن جي زندگين ۾ آساني فراہم ڪئي آهي، اُتي ان موبائل سان ڪوڙ ۽ ڌوڪي بازيءَ کي به فروغ حاصل ٿيو آهي، ماڻهون حقيقت ۾ ڪنهن ٻي جڳھ تي موجود هوندو آهي، پر موبائل فون تي پنهنجي موجودَگي جي باري ۾ ڪجھ ٻيو ٻڌائي رہيو هوندو آهي، ان طرح سامهون واري کان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ان کي بيوقوف بنائڻ وارو ائين خُوش ٿي رہيو هوندو آهي، جيئن ڪو وڏو نيڪ ڪم سر اَنۡجام ڏنو ہجي۔ (ہفت روزہ نئی دُنیا ۳ مارچ ۲۰۱۴بتغیر)  جڏهن ته بِلا اجازتِ شَرۡعي ڪوڙ ڳالهائڻ نه صرف اِنۡتِہائي قابلِ مَذَمَّت آهي،  بلڪه