Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

جي مُقابلي ۾ تمام گھڻو هوندو آهي، جيڪي موبائل جو استعمال تمام گھٽ يا بلڪل ناهن ڪندا۔ فون ڪرڻ جا عادي ماڻهون آفيس جون پريشانيون به فون سان گڏوگڏ گھر کڻي ايندا آهن، جنهن سان گھرن ۾ خواتين تمام گھڻيون چڙنديون آهن، مڙس جڏهن پنهنجي ڪم جي باري ۾ گھر ۾ موبائل تي گفتگو ڪندو آهي ۽ ہر وقت اُن جو فون ايندو رہندو آهي ته زال ۽ ٻار ٻنهي کي شڪايتون رہنديون آهن، هڪ ماہرِ سَماجي ڊاڪٽر نوئيل چيزي جي مُطابِق موبائل  فون چاهي مَرۡد حضرات استعمال ڪري رهيا ہجن يا خواتين، ان سان گھريلو زندگي تي بُرو اَثَر پوڻ جا به مثال موجود آهن۔ ماہرين جي مُطابِق موبائل فون جو گهڻو استعمال خانداني ڪشِيۡدَگيءَ جو باعث بڻجي رهيو آهي، هي مُسلسل ماڻهن کي ذہني دٻاؤ سان گڏوگڏ گھٻراہٽ جو  شِڪار به بڻائي رہيو آهي، ان جو وڌندڙ استعمال ان خطري جي نشاندہي به ڪري رہيو آهي ته اچڻ وارو نسل گھر ۽ ٻاہر جي  ذِمّي دارين کي الڳ الڳ ڪري ڏسڻ ۾ به ناڪام ٿي ويندو ۽ عام زندگي به مَصيبتن ۽ تڪليفن جي شِڪار ٿي ويندي۔  (روزنامہ انقلاب ، ۲۶ستمبر ۲۰۱۳جمعرات بتغیر)

      ياد رهي ته اِنٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جا جيترا به اَخۡلاقي مُعاشَرَتي ۽ شَرۡعي نُقصانات آهن، اُنهن کي عليحدہ سان بيان ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ڇو جو ہر عقل مند شخص ڄاڻي ٿو ته موبائل اِنٽرنيٽ جي تقريبًا تمام نُقصانن کي پنهنجي اندر پناھ ڏئي چڪو آهي۔ اڄ شايد ڪمپيوٽر کان وڌيڪ موبائل فون تي ۽ اهو به اِنۡتِہائي گھٽ پيسن ۾ اِنٽرنيٽ استعمال ڪيو پيو وڃي، ٻار ٻار وٽ اهڙو موبائل موجود آهي، جنهن جي ذريعي اِنۡتِہائي تيز ترين اِنٽرنيٽ استعمال ڪري سگھجي ٿو۔ هڪ وقت هيو جو ٽي وي ۽ سنيما جا نقصان ۽ خوفناڪ نتيجا مُعاشَري جي لاءِ اِنۡتِہائي پريشان ڪُن هئا ۽ ٽيلي ويزن کي صِحَّت جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ نُقصان دھ قرار ڏنو ويو هو، پر