Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِا لۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡ عِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ 
ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس*نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مخلوقِ خُدا جي عيبن کان بي نيازي

حضرت سَيِّدُنا عَلامه عَبدُالوَهاب شَعرَانِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   نقل فرمائن ٿا: هڪ  ڀيري سَيِّدُنا امامِ اعظم اَبُوحَنِيفَہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     ڪوفي جي جامع مسجد جي وُضو خاني ۾ تشريف فرما ٿيا ته هڪ نوجوان کي وُضو ڪندي ڏٺو، ان کان وُضو (۾ استعمال ٿيل پاڻي) جا قطرا ٽِمي رهيا هئا، پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     ارشاد فرمايو: “اي پُٽ! ماءُ پيءُ جي نافرماني کان توبهه ڪر، ان عرض ڪيو: مون توبهه ڪئي، هڪ ٻئي شخص کي وضو جي پاڻي کي ملاحظه ڪيائون پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه     ان شخص کي فرمايو: اي منهنجا ڀاءُ بدڪاري کان توبهه ڪر، ان عرض ڪيو: