Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

     تفسير صِراطُ الجِنان ۾ آهي ته پاڻ وڏين وڏين عيبن ۾ مُبۡتَلا  ہئڻ ۽ ٻين تي طَعۡن ڪرڻ ڪافرن جو طريقو آهي۔ هيءَ بيماري اسان وٽ  به عام آهي ته ماڻهون سڄي دنيا جو بُرائيون ۽ غيبتون بيان ڪندا آهن ۽ پاڻ ان کان وڏن عيبن جي گندگيءَ سان ڀريل ہوندا آهن۔ هڪ حديثِ پاڪ ۾ به هن بيماريءَ کي بيان ڪيو ويو آهي۔ (صراط الجنان،پ۲،البقرۃ،،تحت الآیۃ:۲۱۷،۱/۳۳۳)  جيئن ته حضرت سَيدُنا ابو ہريرہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حُضورِ اَقۡدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: يُبْصِرُ اَحَدُكُمُ الْقَذَاةَ فِي عَيْنِ اَخِيْهِ، وَيَنْسٰى الْجِذْعَ فِيْ عَيْنِهٖ  توهان

مان ڪنهن کي پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪَکۡ ته نظر اچي ويندو آهي، پر پنهنجي اک ۾ شہتير (وڏي ڪاٺي) نظر ناهي ايندي۔ (يعني ٻين جي ننڍي کان ننڍي بُرائي به نظر اچي ويندي آهي ۽ پنهنجي وڏي کان وڏي بُرائي به نظر ناهي ايندي)

                                 ( ابن حبان،کتاب الحظروالاباحۃ،باب الغیبۃ،ذکر الاخبار… الخ، ۷/۵۰۶، حدیث: ۵۷۳۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرؤ! عافيت اِنهيءَ ۾ آهي ته خواہ مخواہ مسلمانن جي عيبن جي ڳولها ۾ لڳيل رہڻ جي بجائي، ہميشه اُن جي خوبين تي ئي نظر رکي وڃي ۽ پنهنجي اندر ڀريل عيبن ۽ خامين کي دُور ڪري پنهنجي اِصۡلاح  جي طرف به پيش قَدمي ڪئي وڃي۔ مسلمانن جي عيب جوئيءَ جي بُري عادت کان جان ڇڏائڻ، پنهنجي عيبن تي نظر رکڻ ۽ اُن کي دُور ڪرڻ جو هڪ بہترين ذريعو تبليغِ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابستگي ۽ روزانو فڪرِ مدينه ڪندي مَدَني اِنعامات جو رِسالو پُر ڪرڻ به آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ مَدَني انعامات ۾ مسلمانن جي عيبن جي پَردہ پوشيءَ جي باقاعدہ ترغيب ڏياري وئي آهي، جيئن ته 72 مدني انعامات مان مَدَني اِنعام نمبر 42 آهي : اڄ توهان ڪنهن