Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

جامعة المدينه جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرؤ! نمازن ۽ ٻين نيڪ ڪمن تي اِسۡتِقامت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان ہر دم وابسته رہو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ دُنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلائيون حاصِل ٿينديون۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي تادمِ تحرير 97 کان وڌيڪ شُعبن ۾ سُنَّتن جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، اُنهي مان هڪ شعبو جامعةُالمدينه به آهي۔ شيخِ طريقت، امِيرِ اَہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه  جي مُقدَّس جذبي جي تحت علمِ دِين کي عام ڪرڻ

جي لاءِ، دعوتِ اسلامي جي زيرِ اہتمام جامعةُ المدينه جي سڀ کان پہرين شاخ  1995ء ۾ نيوڪراچي جي عَلاقي گوڌرا ڪالوني بابُ المدينه (ڪراچي) ۾  ۽ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ هن وقت تائين دُنيا جي مختلف مُلڪن مثلاً پاڪستان، ہند، جنوبي افريقه، انگلينڊ، نيپال ۽ بنگلاديش وغيرہ ۾ سَوين جامعةُ المدينه لِلۡبَنِين ۽ لِلۡبَنات قائم آهن، جن ۾ ہزارين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون عِلۡمِ دِين حاصِل ڪري نه صرف پنهنجي عِلۡمي اُڃ وِسائي رهيا آهن بلڪه ٻين کي به فيضانِ عِلم سان مُنوّر ڪرڻ ۾ مصروف آهن۔ جامعاتُ المدينه جي خُصُوصِيت هيءَ آهي ته دِيني تعليم سان آراسته ڪرڻ سان گڏوگڏ طَلَبه جي اَخۡلاقي ۽ رُوحاني تَرۡبِيت به ڪئي ويندي آهي، تنهنڪري توهان به پنهنجي اَوۡلاد کي جامعاتُ المدينه ۾ داخِل ڪرائي اُن جي ۽ پنهنجي دُنيا ۽ آخرت کي بہتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريو۔   اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو