Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

ڳالھه نه پہچائي جي وَضاحت ڪندي فرمائن ٿا: يعني ڪنهن جي ڪوتاہي، بُري فعل، بُري عادت، ان هي ڇا ڪيو، يا ان هي ڇا چيو، فُلان هن

طرح چئي رہيو هو (اَلۡغَرَض هن طرح جون ڳالهيون ڪو به ڪنهن جي باري ۾ نه پہچائي)۔   ( اشعۃ اللّمعات،کتاب الآداب،باب حفظ اللسانالخ،۴/۸۳)   گڏوگڏ حديث شريف جي هن حصّي آئون چاہيان ٿو ته توهان وٽ صاف سيني  ۾ اچان۔ جو خُلاصو ڪندي مُفَسِّرِ شہير، حڪيمُ الاُمَّت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  فرمائن ٿا: (يعني) ڪنهن جي دُشمني، ڪنهن کان نفرت دل ۾ نه هجي۔ هي به اسان ماڻهن جي لاءِ هڪ قانون جو بيان آهي ته پنهنجي سيني کي (مسلمانن جي ڪيني کان) صاف رکون ته جيئن اُن ۾ مديني جا اَنوار ڏسون، نه ته حُضُور
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو  سينهء رحمت، نورِ ڪرامت جو خزانو آهي، اُتي بُغُض ۽ ڪيني جي پہچ ئي ناهي۔ ( مرآۃ المناجیح ، ۶/۴۷۲ ملخصاً)

بہرحال هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻين جي ذات ۾ عيب ڳولهڻ وارا جيڪڏهن پنهنجو اِحتِساب ڪن ۽ پنهنجي عيبن تي هڪ سَرسَري نظر ڊوڙائين ته شايد پنهنجي ذات ۾ مَوۡجود عيبن جي ڪثرت ڏسي ڪري اُهي خود به حَيرت جي سَمُنڊ ۾ غَرۡق ٿي وڃن پر آھ! ڊگھيون اُمّيدون، دُنۡيوِي عيش و عِشرت جي چمڪ دَمڪ،خَوۡفِ خُدا کان مَحرومي ۽ گناھ تي گناھ ڪرڻ جي باوُجود رَحمتِ الٰہي تي بيجا يقين اُنهن کي پنهنجي اِصلاح کان غافل ڪري ڇڏيندو آهي۔ اهڙا نادان دُنيا ۾ به ذِلّت جو مَزو چکندا آهن ۽ آخِرت ۾ به اُنهن کي رُسوائي کان عِلاوہ ڪجھ ہٿ نه ايندو۔ اچو ته! انهي متعلق هڪ حديثِ پاڪ ٻُڌون ۽ عبرت حاصل ڪريون جيئن ته

مسلمانن جي عيبَ تلاش ڪرڻ جي سزا