Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

۾ آهي جيڪو ان جي اندر مون کي نظر اچي رهيو آهي، جيئن آئيني ۾ پنهنجي جيڪي داغ ڌٻا نظر ايندا آهن، اهي پنهنجي چہري جا ہوندا آهن نه ڪي آئيني جا۔ (مرآۃ المناجیح،۶/۵۷۱)

تُو نے دُنیا میں بھی عیبوں کو چُھپایا  یا خدا

 

حَشْر میں بھی لاج رکھ لینا کہ تُو سَتّار ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حديثِ مبارَڪه ۽ ان جي شرح مان معلوم ٿيو ته اسان کي اهڙن جي صحبت کان فيضياب ہئڻ گھرجي ته جن جي بَرَڪت سان اسان کي پنهنجي ذات ۾ موجود عيبن جي اِصلاح جو موقعو نصيب ٿئي۔ افسوس جو هاڻي اهڙي مدني سوچ ڪٿي! هاڻي ته اهو نازڪ دؤر اچي ويو آهي جو اسان پنهنجون ڪوڙيون تعريفون ڪرڻ وارن ۽ ہا ۾ ہا مِلائڻ وارن کي ئي پنهنجو محبوب ۽ مُحسن سمجھون ٿا ۽ جيڪو اسان جي اصلاح جي لاءِ اسان کي آئينو ڏيکاري اسان جي اَصليت ٻُڌائي، ان کي پنهنجو سڀ کان وڏو دشمن سمجهندا آهيون۔

اِيمان جي ڪمزوريءَ جي علامت

        دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي مطبوعہ 1285 صفۡحن تي مشتمل ڪتاب ” اِحياءُ العُلوم“ جلد 3 صفحي 196 تي حُجَّةُ الۡاِسۡلام حضرت سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: دِين دار ماڻهن جي هيءَ خواہش هوندي هئي ته اهو ٻين جي ٻُڌائڻ سان پنهنجي عيبن تي مُطَّلَع ٿين، پر هاڻي اهڙو دَؤر اچي ويو آهي ته اسان کي نصيحت ڪرڻ ۽ اسان جي عيبن تي مُطَّلَع ڪرڻ وارو اسان کي سڀ کان وڌيڪ ناپسنديدہ معلوم ٿيندو آهي ۽ هيءَ ڳالھ اِيمان جي ڪمزوريءَ جي علامت آهي۔ بُرا اَخۡلاق، ڏنگِڻ واري نانگ ۽ وِڇونءَ وانگر آهن۔ جيڪڏهن ڪو اسان کي هي ٻُڌائي ته تنهنجي