Book Name:Musalman ki Parda Poshi kay Fazail

دُور ڪندو آهي ۽ ان جي غير مَوجُودَگي ۾ ان جي حفاظت ڪندو آهي۔ (ابو داود، کتاب الادب،باب فی النصیحۃ و الحیاطۃ للمسلم،۴/۳۶۵،حدیث:۴۹۱۸)  هڪ ٻي روايت ۾آهي ته اِنَّ اَحَدَكُمْ مِرْاٰةُ اَخِيْهِ فَاِنْ رَاٰى بِهٖ اَذًى فَلْيُمِطْ عَنْهُ يعني توهان مان هر هڪ پنهنجي ڀاءَ جو آئينو

 

آهي، ته جيڪڏهن ان ۾ بُرائي ڏسي ته ان کي گھرجي ته ان کان اها بُرائي دُور ڪري ۔ ( ترمذی،کتاب البر والصلۃ،باب ،ما جاء فی شفقۃ المسلم …الخ،۳/۳۷۳،حدیث:۱۹۳۶)                              

مُفَسِرِ شَہِير، حڪيم الاُمَّت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   بَيان  ڪيل حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا ته جيئن آئينو چہري جا سمورا عيب ۽ خُوبيون ظاہر ڪري ڇڏيندو آهي، ائين ئي مسلمان پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عيب تي ان کي مُطَّلَع ڪندو رهي ته جيئن اهو  پنهنجي اِصلاح ڪري۔  مطلب هي ته خُوار ڪرڻ ممنوع آهي، اِصلاح ڪرڻ ثواب، (مزيد لکن ٿا ته) آئينو ان لاءِ ڏسندا آهن ته پنهنجي چہري جا ٿورا گھڻا داغ ڌٻا نظر اچي وڃن۔ طبيب وٽ ان لاءِ ويندا آهن ته اتي علاج ٿي وڃي، ائين ئي مومنن جي صحبت نهايت مُفِيد آهي۔ اِن لاءِ صُوفياء رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ  تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن فرمائن ٿا ته ہميشه پنهنجي مُرِيدن، پنهنجي شاگردن وٽ نه ويهو، جيڪو ہر وقت توهان جون تعريفون ئي ڪندا آهن بلڪه ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي مُرشِدن، پنهنجي استادن، پنهنجي بزرگن وٽ به ويھو جتي توهان کي پنهنجي ڪمزوري نظر اچي۔ ہاٿي، جبل کي ڏسي ڪري پنهنجي حقيقت کي سڃاڻيندو آهي، ہميشه حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عظمتن ۾ غور ڪندا ڪريو ته جيئن پنهنجي گنهگاري، پنهنجي ڪمزوري محسوس  ٿيندي رهي۔ مُحَقِّقِين صُوفياء رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ  تَـعَالٰی اَجۡمعِیۡن هن حديث جي هي معنيٰ ڪندا آهن ته مؤمن جڏهن ڪنهن مسلمان ۾ عيب ڏسي ته سمجھي ته هي عيب مون